اسلام آباد جي عدالت ٻن ڪيسن مان عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو
جُون 3, 2024
اسلام آباد جي عدالت ڀڃ ڊاهه ۽ قلم 144 جي ڀڃڪڙي وارن ٻن ڪيسن مان پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو، جڊيشل مئجسٽريٽ بريت وارين درخواستن تي اسد عمر، علي محمد خان ۽ مراد سعيد کي به بري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي سوڌو ٻين اڳوڻن مٿان گولڙا ٿاڻي تي 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ٿيل هئا