اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪري ورتي

مَي 15, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت منظور ڪري ورتي، آزاد ڪرڻ جو حڪم، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري تي ٻڌل 2 رڪني بينچ پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت پاران ضمانت لاءِ 10 لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت پي ٽي آءِ باني کي لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي 2 ڪيسز مان بري ڪري ڇڏيو، جڊيشل ماجسٽريٽ صهيب بلال پي ٽي آءِ باني جون بريت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون، پي ٽي آءِ باني خلاف ڪهنا ٿاڻي تي 2022 ۾ لانگ مارچ ۽ ڀڃ ڊاهه جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا، عدالت فيصلي ۾ چيو ته جوڳا ثبوت نه هئڻ سبب پي ٽي آءِ باني کي بري ڪيو وڃي ٿو

Leave A Comment