اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

مَي 8, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، بني گالا کي سب جيل قرار ڏيڻ وارو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار، عدت واري ڪيس ۾ قيد بشريٰ بي بي بني گالا سب جيل کان اڊيالا جيل منتقلي جي درخواست داخل ڪرائي هئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواست منظور ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جيل اختيارين موقف اختيار ڪيو هو ته گنجائش نه هئڻ سبب بشريٰ بي بي کي اڊيالا جيل منتقل نه پيو ڪيو وڃي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم بعد بشريٰ بي بي کي بني گالا کان اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو

Leave A Comment