اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري بابت نامناسب ٻولي ڳالهائڻ تي شيخ رشيد خلاف داخل ڪرايل ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جُون 29, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلاول ڀٽو زرداري بابت نامناسب ٻولي ڳالهائڻ تي شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۾ داخل ڪرايل ڪيس خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت شيخ رشيد خلاف ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ داخل ڪيسن بابت درخواستن تي تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، 41 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته هڪ واقعي جي واڳيل پوليس اسٽيشن کانسواءِ ٻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي نه ٿي سگهجي، طئي ٿيل اصول آهي ته هڪ ئي ڏوهه ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪنهن جي خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته شيخ رشيد تي بلاول ڀٽو خلاف ڳالهائڻ تان ڪراچي جي ڪياماڙي واري علائقي ۾ ڪيس داخل ٿيو، شيخ رشيد اهي لفظ پولي ڪلينڪ اسلام آباد ۾ بيهي ڳالهايا هئا، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته شيخ رشيد خلاف ايف آءِ آر ۾ پوليس چيو ته جيئن ته واقع اسلام آباد جو آهي تنهن ڪري ڪيس نه ٿو ٺهي، پوليس اهلڪار چيو جيئن ته معاملو بلاول ڀٽو جو آهي ان ڪري آفيشل اسٽيٽمينٽ نه ٿو ڏئي سگهان، عدالت شيخ رشيد خلاف موچڪو ڪياماڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سياسي جماعتون حڪومت ۾ هوندي سياسي مخالفن تي ڪيس ٺاهين ٿيون، سياسي مخالفن کي ائين هيسائڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي

Leave A Comment