اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران بلوچ شاگردن جي گمشدگي ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري

مَي 27, 2024

هر گم ٿيل ماڻهو پنهنجي خاندان وٽ ضرور پهچندو: اٽارني جنرل بلوچ شاگردن جي گمشدگي ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خاطري ڪرائي ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران بلوچ شاگردن جي گمشدگي ڪيس جو لکت ۾ حڪمنامو جاري، جسٽس محسن اختر ڪياني پاران لکيل 4 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو ته هر اهو ماڻهن جنهن جي گم ٿيڻ جو الزام آهي اهو پنهنجي خاندان وٽ ضرور پهچندو، اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ هميشه اعليٰ سطح تي ڳالهه ڪئي وئي آهي، حڪمنامي موجب جبري طور گم ٿيل ماڻهن بابت وزارتي ڪميٽي سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن، ڪابينا جي منظوري بعد سفارشون عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون، حڪمنامي موجب اٽارني جنرل رياست ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان خاطريون ڪرايون آهن، حڪمنامي موجب گم ٿيل ماڻهن بابت ڳجهن ادارن جي ڊي جيز تي ٻڌل ڪميٽي جي پراڻي حڪم ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ آءِ بي پنهنجي سيڪنڊ هاءِ ليول جي آفيسرن کي ڪميٽي جو ميمبر بڻائي سگهن ٿيون، ايف آءِ اي ۽ سي ٽي ڊي اختيارين کي به ڪميٽي ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو

Leave A Comment