اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم

مارچ 22, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ٻين کي 26 مارچ تي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت علامه ناصر عباس، شهريار آفريدي، شاندانه گلزار ۽ فردوس شميم نقوي کي اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، عدالت پاران جواب تي بي اعتمادي جي اظهار بعد سپرنٽنڊنٽ عدالت کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت کي مطمئن ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

Leave A Comment