اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شاعر احمد فرهاد کي چئن ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم

مَي 21, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل شاعر احمد فرهاد کي چئن ڏينهن اندر بازياب ڪرائڻ جو حڪم، عدالت پاران دفاع واري سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته وزيراعظم عدالت اچي سگهي ٿو ته پوءِ سڀ اچي سگهن ٿا، وزيراعظم کان وڏو ته ڪير نه آهي، اهائي شيءِ ته ختم ڪرڻي آهي، عدالت جي گهرائڻ تي سڀ پيش ٿيندا، اٽارني جنرل چيو ته دفاع واري سيڪريٽري جي طبيعت ٺيڪ نه آهي تنهن ڪري پيش نه ٿي سگهيو، عدالت چيو ته هن معاملي کي ختم ڪرڻو آهي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي دفاع واري سيڪريٽري کي وٺي اچو، احمد فرهاد جي گهر واريءَ جي وڪيل ايمان مزاري چيو ته فرهاد ڪهڙي حالت ۾ آهي ڪيئن هوندو، بلوچستان جي ڪيسز ۾ اسان ڏٺو ته مسخ ٿيل لاش مليا، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته هن ڪيس ۾ اهڙو ڪجهه نه ٿيندو، اٽارني جنرل خاطري ڪرائي رهيو آهي، اٽارني جنرل صاحب توهان مان وڏيون اميدون آهن، شين کي بگاڙ ڏانهن نه وٺي وڃو، رياست جي نمائندن کي چئو ته هن نياڻيءَ جي مٿي تي هٿ رکن، مغوي جي بازيابيءَ لاءِ توهان کي ڪيترو وقت کپي؟ اٽارني جنرل چيو ته 6 ڏينهن گذري ويا پر مون کي 3 ڏينهن گهرجن، عدالت ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

Leave A Comment