اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي بري ڪري ڇڏيو

جُون 3, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل منظور ڪندي ٻنهي جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

فيصلي جي موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي قيادت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ موجود هئي

پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين بئريسٽر گوهر، علي محمد خان، فيصل جاويد ۽ شندانا گلزار به عدالت ۾ موجود هئا

عدالتي ڪمري ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جون ڀيڻون ۽ شاهه محمود قريشي جون گھرواري ۽ ڌيئرون به موجود هيون

Leave A Comment