اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿي ويل شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم

مَي 20, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل هفتي گم ٿي ويل شاعر احمد فرهاد جي بازيابيءَ لاءِ دفاع واري سيڪريٽري کي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

احمد فرهاد جي گهر واري جي درخواست تي ٻڌڻي هلائيندي جسٽس محسن اختر ڪياني ايس ايس پي آپريشنز کان سوال ڪيو ته ڇا احمد فرهاد دهشتگرد آهي؟ ايس ايس پي آپريشنز جواب ۾ چيو ته نه سر دهشتگرد نه آهي، عدالت سوال ڪيو ته ڇا احمد فرهاد ڀارت مان آيو آهي يا ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ملوث آهي؟

ايس ايس پي آپريشنز چيو ته نه سر ائين نه آهي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن ان جي سزا سڀني کي ڀوڳڻي آهي، مون کي هي همراهه گهرجي، ادارن کي ٻڌايو ته همراهه هر صورت ۾ بازياب ٿيڻ گهرجي، توهان پاڻ تي اغوا ڪرائڻ جو ليبل هٽايو

احمد فرهاد جي گهر واري جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته احمد فرهاد گذريل هفتي کان اسلام آباد مان گم ٿيل آهي، 17 مئي تي احمد فرهاد جي واٽس ايپ نمبر تان ڪال آئي ته درخواست واپس وٺو احمد فرهاد واپس اچي ويندو، وڪيل ايمان مزاري چيو ته اسان کي چيو ويو ته عدالت کي چئو ته فرهاد پنهنجي مرضيءَ سان ڪيڏانهن ويو آهي، فرهاد واپس نه آيو ان ڪري اسان درخواست واپس نه پيا وٺون

Leave A Comment