اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ نان ۽ مانيءَ جا اگهه گهٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو
اپريل 25, 2024
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وفاقي راڄڌاني ۾ نان ۽ مانيءَ جا اگهه گهٽائڻ وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، جسٽس طارق محمود جهانگيري نانوائي ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ۾ چيو ته تندور وارن کان پڇو ته اٽو ڪيتري اگهه ۾ ملي رهيو آهي، ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ نان ۽ ماني سستي ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو، عدالت نان ۽ ماني سستي ڪرڻ وارو انتظامي نوٽيفڪيشن معطل ڪندي ٻڌڻي 6 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي