اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ٽيڪس نان فائلرز جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

مَي 14, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي ٽيڪس نان فائلرز جون موبائل فون سمون بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق نان فائلرز جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف موبائيل فون ڪمپني جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس موبائل فون ڪمپني جي درخواست تي 27 مئي تائين حڪم نامو جاري ڪندي حڪومت کي نان فائلز جي موبائل فون سمز بلاڪ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ياد رهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ ٽيلي ڪام آپريٽرز وچ ۾ سڄي ملڪ ۾ نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ واري معاملي تي معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن موجب نان فائلرز جون سمز بلاڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. 10 مئي کان شروع ڪيو ويو آهي
ايف بي آر موجب 10 مئي تي ٽيلي ڪام آپريٽرز کي 5 هزار نان فائلرز جون سم بلاڪ ڪرڻ جا تفصيل فراهم ڪيا ويا هئا

ايف بي آر اختيارين موجب ٽيلي ڪام آپريٽرز ننڍي بيچز ۾ سمز کي دستي طور بلاڪ ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي

Leave A Comment