اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ فارم 45 ۽ 47 ويب سائيٽ تي اپلوڊ نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي
مارچ 5, 2024
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فارم 45 ۽ 47 ويب سائيٽ تي اپلوڊ نه ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عامر فاروق مجلس وحدت المسلمين جي درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي لڳايل اعتراض ختم ڪري ڇڏيا، درخواست تي سڀاڻي ٻڌڻي هلائڻ جو حڪم، مجلس وحدت المسلمين پاران درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانون مطابق اليڪشن جي 14 ڏينهن اندر ويب سائيٽ تي فارم اپلوڊ ڪرڻا هوندا آهن، اليڪشن ڪميشن فارم 45 ۽ 47 اپلوڊ نه ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي