اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي
مَي 21, 2024
اسحاق ڊار هڪ ئي وقت 2 عهدا رکي نه ٿو سگهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي، چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 12 جون تائين جواب طلب، چيف جسٽس پڇيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڪري نه ڇڏيو هو؟ مون شايد ميڊيا ۾ ڏٺو هو، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اتي فيصلو ٿي به ويو هو ته پوءِ به هن عدالت جو دائره اختيار آهي، چيف جسٽس چيو ته اهو ئي چئي رهيو آهيان ته فيصلو ٿي چڪو آهي چيڪ ڪيو، انگريزي ايندي آهي توهان کي؟ شير افضل مروت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم اليڪشن ذريعي چونڊجي ايندو آهي، ايگزيڪيوٽو آرڊر جي گنجائش نه آهي، عدالت جو 2 عهدا رکڻ بابت واضح آرڊر ٿيل آهي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي