اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو

مَي 16, 2024

پاڪستان جي آئين ۾ جج ٿيڻ لاءِ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهريت يا رهائش رکڻ نااهلي نه آهي، وڪيل مان هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيڻ وقت هن کان ٻٽي شهريت جي معلومات نه ورتي ويندي آهي، جسٽس اطهر من الله 6 ججز جي خط تي پاڻمرادي نوٽيس جي ڪارروائي دوران اها ڳالهه واضح ڪئي هئي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سينيٽر فيصل واوڊا جي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو، جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران ٻڌايو هو ته جسٽس بابر ستار جي گرين ڪارڊ جو معاملو جڊيشل ڪائونسل ۾ ڊسڪس ٿيو هو، سپريم جڊيشل ڪائونسل بحث بعد جسٽس بابر ستار کي جج بڻائڻ جي منظوري ڏني، هيءَ عدالت جڊيشل ڪميشن جي ڊسڪشن جو ريڪارڊ نه ٿي رکي، هاءِ ڪورٽ جي پريس رليز ۾ به واضح ڪيو ويو هو ته جسٽس بابر ستار جج ٿيڻ وقت ٻڌايو هو ته هو گرين ڪارڊ رکي ٿو، گذريل ڏينهن فيصل واوڊا پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته 15 ڏينهن گذرڻ باوجود اسلام آباد هاءِ ڪورٽ منهنجي خط جو جواب نه ڏنو آهي، موڪل واري ڏينهن بابر ستار بابت هاءِ ڪورٽ پاران پريس رليز جاري ڪئي وئي هئي

Leave A Comment