اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪشميري شاعر احمد فرهاد جي بازيابي واري درخواست اڪلائي ڇڏي

جُون 7, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪشميري شاعر احمد فرهاد جي بازيابي واري درخواست اڪلائي ڇڏي، جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي رمارڪس ۾ چيو آهي ته ضرورت محسوس ڪيو ته ٻيهر عدالت سان رجوع ڪري سگهو ٿا، مون کي پنهنجي حڪم تي عملدرآمد تي عمل ڪرائڻ اچي ٿو، مسنگ پرسنز جي ڪيسز بابت لارجر بئنچ ٺاهڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکي رهيو آهيان، قانون جي عملداري ڪيئن هجڻ گهرجي، ان تي فيصلي لاءِ معاملو ڪميٽي ڏانهن اماڻيان پيو، جسٽس محسن اختر ڪياني عروج زينب جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواستگذار طرفان ايمان مزاري پيش ٿي، ايڊيشنل اٽارني جنرل منوراقبال دوگل به عدالت ۾ پيش، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارن کي پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، انا جي مسئلي ۾ هڪ ماڻهو ٻن ڪيسن ۾ هليو ويو، هي ظلم جو سلسلو معمول بڻيل آهي، اسلام آباد جي حدن کي عدالتون ڏسنديون، قومي سلامتي جي معاملن تي عدالت ان ڪئمرا پروسيڊنگ ۽ ان جي رپورٽنگ تي پابندي لڳائيندي، معاملو لارجر بئنچ ان ڪري موڪلي رهيا آهيون ٿه هڪ جج جو موقف ٻيو آهي ته ٻيا ججز به ڏسن، ٿي سگهي ٿو ته باقي ٻيا ميمبرز ان سان منتفق نه هجن ته انٽيليجنس ايجنسيز جي سربراهن کي گهرائڻو آهي، اسان کي ڪٿي بيهڻو آهي، طئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙي لائن آهي، جيڪا ڪراس ناهي ڪرڻي، هن هڪ ڪيس ۾ سموري حڪومتي مشينري هتي اچي بيٺي آهي، عدالتون يا ادارا انا جي مسئلي تي ناهن هلندا، مان اڃا به پاڻ کي روڪي رهيو آهيان ته ڪٿي ڪو نقصان نه ٿي پوي، عدالت شاعر احمد فرهاد جي بازيابي جي پٽيشن اڪلائي ڇڏي..

Leave A Comment