اسلام آباد هاءِ ڪورٽ: تحريڪ انصاف کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ
جُولاءِ 26, 2024
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف کي احتجاج جي اجازت ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت اڄ اسلام آباد ۾ احتجاج جي معاملي تي پي ٽي آءِ ۽ ضلعي انتظاميا کي هڪ ٻئي سان ٻن ڪلاڪن ۾ مشاورت جو حڪم ڏنو هو، جسٽس ثمن رفعت امتياز اڄ اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت ڏيڻ بابت پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، وقفي کانپوءِ جسٽس ثمن رفعت چيو ته توهان پي ٽي آءِ کي سومر ڏينهن احتجاج جي اجازت ڏيو، ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته سومر ڏينهن اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، خبر نه آهي ته سومر ڏينهن ڪهڙيون حالتون هونديون، جيڪڏهن جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڊگهو ٿي ويو ته پوءِ اجازت نه ٿا ڏئي سگهون، جسٽس ثمن رفعت چيو ته اگر مگر جي ڳالهه نه ٿيندي، حڪومت کي اعتماد هجڻ گهرجي ته اها حالتن کي ڪنٽرول ڪري وٺندي، اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو جنهن سان توهان جي نااهلي سامهون اچي، پاڻ کي ايڏو بي وس ثابت نه ڪيو توهان حڪومت آهيو، پاڙي ۾ اسان جا ڪيڏا دشمن ويٺا آهن اهي ٻڌندا ته ڪهڙو تاثر ويندو، ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته دشمنن کي منهن ڏينداسين، پنهنجن جي معاملي ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي، جسٽس ثمن رفعت چيو ته پوءِ مان اهو لکي ڇڏيان ته حڪومت بي وس آهي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ حالتون ڪنٽرول ڪري نه ٿي سگهي، ايڊوڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته عدالت کي آرڊر ڪرڻو آهي ته ڪري ڇڏي، اسان اجازت نه ٿا ڏئي سگهون