اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جُون 26, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ واري درخواست جي ٻڌڻي دوران زرتاج گل پنهنجي وڪيل سوڌو عدالت آڏو پيش ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت سوال ڪيو ته زرتاج گل تي ڪهڙا ڪهڙا ڪيس آهن؟ وڪيل اساما طارق چيو ته زرتاج گل تي 2 ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ ٻنهي ۾ کيس ضمانت مليل آهي، جسٽس طارق محمود جهانگيري رمارڪس ۾ چيو ته هڪ سياسي اڳواڻ ريلي ڪڍي ٿو ته ان جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي ٿو، مان آءِ جي کي گهرائي ان بابت پڇندس، دهشتگردن جو نالو ته اي سي ايل ۾ نه ٿا وجهن پر ايم اين اي جو نالو اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏين ٿا، عدالت زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏيندي هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو