اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدت نڪاح ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي

جُون 3, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف عدت نڪاح ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، خاور مانيڪا جج شاهه رخ ارجمند تي اعتراض واريندي ڪيس ٻي عدالت موڪلڻ جي استدعا ڪئي هئي، جج شاهه رخ ارجمند ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو هو، چيف جسٽس درخواست منظور ڪندي ڪيس ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد افضل مجوڪا جي عدالت اماڻي ڇڏيو، جج شاهه رخ ارجمند گذريل ٻڌڻي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائڻ وارو هو ته خاور مانيڪا جج تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، گذريل ٻڌڻيءَ تي پي ٽي آءِ جي وڪيلن پاران خاور مانيڪا تي عدالت ٻاهران حملو به ڪيو ويو هو

Leave A Comment