اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جُون 4, 2024

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس رفعت امتياز محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سي ڊي اي 2022ع ۽ 2023ع ۾ اڳوڻي مالڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، سي ڊي اي وضاحت پيش نه ڪري سگهي ته نوٽيس پراڻي مالڪ کي ڇو اماڻيندي رهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها ته نوٽيس يا شوڪاز جي سروس جي ڪا به رسيد رڪارڊ تي ناهي، عدالت چيو ته پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ سيل ڪرڻ جي آرڊر کان پهرين ڪو به نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، آفيس سيل ڪرڻ وارو نوٽيس به پي ٽي آءِ کي نه لکيو ويو ۽ نه ئي ڪاپي اماڻي وئي، عدالت پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Leave A Comment