اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي ڪيس ۾ دفاع واري سيڪريٽري ۽ آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي طلب ڪري ورتو
مَي 24, 2024
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي گمشدگي ڪيس ۾ دفاع واري سيڪريٽري ۽ آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر ڪمانڊر کي طلب ڪري ورتو، آئنده ڪيس جي ڪارروائي لائيو نشر ڪرڻ جو حڪم، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو آهي ته سيڪٽر ڪمانڊر جي حيثيت اسان جي ايس ايڇ او برابر آهي، کيس عدالت ۾ پيش ٿيندي ڪا شرمندگي نه ٿيڻ گهرجي، سمورا ادارا قانون جي ماتحت آهن، عدالتن ۾ پيش ٿيڻ سان ڪنهن جي بي عزتي نه آهي، 29 مئي تي دفاع واري سيڪريٽري ۽ سيڪٽر ڪمانڊر کي پيش ٿيڻ جو حڪم، جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته هاڻي ايجنسيون لڪيل نه پر سامهون رهنديون ۽ اسٽرڪچرڊ هونديون، احمد فرهاد جي بازيابي جو معاملو هاڻي اڻ واڳيل رهيو آهي، کيس بازياب ڪرائڻ رياست جي ذميواري آهي، دفاع واري سيڪريٽري کي پيش ٿي ٻڌائڻو آهي ته آءِ ايس آءِ ڪم ڪيئن ڪندي آهي، اداري جي اندروني ورڪنگ ڪيئن آهي؟ سيڪٽر ڪمانڊر جون ڇا ذميواريون آهن؟ ڇا رياست جا فنڊز استعمال ٿين ٿا؟ هي ادارا ڪم ڪري قوم تي احسان نه پيا ڪن، ايجنسين جو اسٽرڪچر موجود هوندو ۽ طريقيڪار طئي ڪيو ويندو، عدالت ٻڌڻي 29 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي