اسلام آباد جي عدالت عمران ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ آجو قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اپريل 4, 2024

اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شيخ رشيد کي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ آجو قرار ڏيڻ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ جڊيشل ماجسٽريٽ ملڪ عمران درخواستن تي ٻڌڻي هلائيندي فيصلو محفوظ ڪيو، محفوظ ڪيل فيصلو 6 جون تي ٻڌايو ويندو، اڳوڻو وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ باني عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻين خلاف لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس آءِ نائين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو

Leave A Comment