اسلام آباد جلسي بعد پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪڊائون، چيئرمين گوهر، شير افضل، عامر ڊوگر، شعيب شاهين گرفتار، زرتاج گل فرار، گنڊاپور لاپتا

سيپٽمبر 9, 2024

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو + م ڊ) پي ٽي آءِ جلسي کانپوءِ قيادت خلاف وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي، پوليس پارليامينٽ هائوس جو گهيرو ڪري ورتو، پارٽي چيئرمين سوڌو ڪيترائي اڳواڻ گرفتار، وزيراعليٰ ڪي پي علي امين گنڊاپور اسلام آباد مان لاپتا. تفصيل موجب اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر، قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت کي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين کي گهران گرفتار ڪري ورتو، عمر ايوب ۽ زرتاج گل پوليس کان لڪي نڪري ويا، علي محمد خان پارليامينٽ مان ٻاهر  نڪتو ته کيس گرفتار نه ڪيو ويو، شير افضل مروت کي گارڊ سوڌو گرفتار ڪيو  ويو، هن پوليس سان مزاحمت به ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته عمر ايوب ۽ زرتاج گل کي به گرفتار ڪيو  ويندو،  ذريعن موجب زرتاج گل گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهي رهي جنهن تي پوليس جي نظر نه پئي، عامر ڊوگر  کي به گرفتار ڪيو ويو، پوليس زين قريشي، شيخ وقاص، عمر ايوب کي به گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي ۽ ريڊ زون رستا سيل ڪيا ويا هئا، ڊي چوڪ، نادرا چوڪ، سرينا ۽ ميريٽ واري هنڌان ريڊ زون کي مڪمل طور سيل ڪيو ويو، پوليس جي نفري پهچڻ جي اطلاع تي پي ٽي آءِ جا ميمبر پارليامينٽ ۾ ويهي رهيا هئا،ٻاهر ايندڙن کي گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ميمبر پارليامينٽ هائوس ۾ موجود رهيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت جلسي ۾ موجود پنجاب جي قيادت خلاف به ڪريڪ ڊائون شروع ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ اسلام آباد پوليس پنجاب پوليس کي ان حوالي سان باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جلسو وقت تي ختم نه ڪرڻ، پوليس تي پٿراءَ ۽ روٽ جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ قيادت خلاف ٽي ڪيس داخل ڪري ورتا. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ انتظاميا خلاف پهريون ڪيس سنگجاني ٿاڻي ۾ جلسي جي مقرر وقت جي پاسداري نه ڪرڻ تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور کي به نامزد ڪيو ويو آهي، ٻيو ڪيس سمبل ٿاڻي ۾ مقرر روٽ جي ڀڃڪڙي تي ۽ ٽيون ڪيس ايس ايس پي سيف سٽي سميت ٻين اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ تي نون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪيس ۾ زرتاج گل، عامر مغل، شعيب شاهين، عمر ايوب سميت ٻين 28 اڳواڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي. گرفتاري لاءِ تيار ڪيل فهرست ۾ عمر ايوب، اعظم سواتي، نعيم پنجوٿا، عامر ڊوگر، زين قريشي، حماد اظهر، زرتاج گل، ڪنول شوزب، عامر مغل، خالد خورشيد ۽ ٻين جا نالا شامل آهن. ٻئي طرف ڪي پي سرڪار جي ترجمان بئرسٽر سيف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو فون بند آهي، شام پنج وڳي کان رابطو نه پيو ٿئي، آخري ڀيرو ڏينهن جو اڍائي وڳي رابطو ٿيو هو، ويجهي عملي جا نمبر به نه ملي رهيا آهن، ڪڏهن ايئن ٿيو آهي ته چونڊيل وزيراعليٰ کي گرفتار ڪيو وڃي؟ سينئر پارليامينٽ ميمبرن کي ڏوهارين وانگر پڪڙيو پيو وڃي، اهڙيون حرڪتون جمهوريت کي نقصان پهچائينديون، اسان سوديبازي نه ڪنداسين جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته علي امين گنڊاپور ڪا اهڙي ڳالهه ڪئي آهي ته قانون موجود آهي، ثبوت آهن ته ڪيس داخل ڪريو. ٻئي طرف اطلاع آهن ته علي امين گنڊاپور ڪي پي هائوس ۾ موجود آهي.

Leave A Comment