اسلام آباد: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي
مَي 24, 2024
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪيل اڳواڻ عامر مغل جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جج ابوالحسنات جي عدالت عامر مغل کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، اسلام آباد پوليس گذريل رات پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي سيل ڪرڻ دوران مزاحمت جي الزام هيٺ عامر مغل کي گرفتار ڪيو هو، علائقي جي ماجسٽريٽ محمد سجاد جي مدعيت ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ايف آءِ آر موجب سي ڊي اي جي حددخلين خلاف آپريشن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ مڇريل هجوم سان گڏ پوليس تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، گذريل رات سي ڊي اي پاران پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي حددخليون ڄاڻائي سيل ڪيو ويو، سيڪريٽريٽ جي هڪ حصي کي ڊاٿو به ويو