هنيه جي شهادت جو اسرائيل ذميوار، ايراني خودمختاري جي ڀڃڪڙي، جنگ لڳي سگهي ٿي: او آءِ سي
آگسٽ 9, 2024
جده (م ڊ) او آءِ سي حماس جي سياسي سربراهه اسماعيل هنيه جي شهادت جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ۾ او آءِ سي جي 57 رڪني بلاڪ جي ٿيندڙ اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه ۾ جاري جنگ علائقائي تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿو. او آءِ سي جي سربراهي ڪندڙ ملڪ گيمبيا جي پرڏيهي وزير مامادو تنگازا جو چوڻ هو ته اسلامي جمهوريه ايران جي سرزمين تي هڪ سياسي اڳواڻ کي شهيد ڪري ان جي خودمختاري ۽ علائقائي سلامتي جي جارحيت ۽ ڀڃڪڙي جو هڪ اهڙو عمل آهي جنهن کي هڪ عام قدم طور نٿو ڏسي سگهجي، پورو خطو جنگ جي باهه ۾ سڙي ويندو، سعودي عرب جو چوڻ هو ته اسماعيل هنيه جو قتل ايران جي خودمختاري جي کلي ڀڃڪڙي آهي،سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير وليد الخيريجي ٻڌايو ته اسان جو ملڪ رياستن جي خودمختاري جي ڀڃڪڙي يا ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت کي رد ڪريون ٿا.