اسرائيل سان نفرت:جنرل اسيمبلي ۾ مخالف نعرا لڳي ويا، هنگامو، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جو احتجاج، واڪ آئوٽ
سيپٽمبر 28, 2024
نيويارڪ: اسرائيل خلاف نفرت جي حد ٿي وئي، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جڏهن خطاب لاءِ آيو ته پاڪستان سميت مختلف ملڪن احتجاج ڪرڻ کانپوءِ واڪ آئوٽ ڪري ويا
جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حمايت ۽ اسرائيل خلاف نعرا لڳا، نيتن ياهو جي اسٽيج تي ايندي ئي پاڪستاني ۽ ايراني سفيرن سميت درجن کن سفارتڪار جنرل اسيمبلي هال مان ٻاهر نڪري ويا
وزيراعظم شهباز شريف جيئن ئي پنهنجي تقرير ختم ڪئي ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي خطاب لاءِ گهرايو ويو، جنرل اسيمبلي ۾ گوڙ مچي ويو
ان کان علاوه فلسطين جي حمايت ڪندڙ ٻين ملڪن جا وفد به پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ويا