اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 72 لبناني شهيد، زميني حملي جي تياري، عالمي طاقتن پاران جنگبندي تجويز

سيپٽمبر 27, 2024

بيروت/ تل ابيب(م ڊ) اسرائيل جا لبنان تي وحشياڻي بمباري جو سلسلو جاري رهيو، تازن حملن ۾ 72 ماڻهو شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ٽن ڏينهن کان يهودي فوج جي ڪارروائين ۾ مارجي ويل لبنانين جو انگ 700 کان وڌي ويو. اسرائيل لبنان خلاف زميني آپريشن جي تياري شروع ڪري ڏني. آمريڪي اتحادين لبنان اسرائيل سرحد وٽ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسرائيلي آرمي چيف جو چوڻ آهي ته ڏکڻ لبنان ۾ زميني حملن جون تياريون ڪيون پيون وڃن، هوائي حملن سامونڊي فوج لاءِ ڪارروائين جي راهه سولي ڪري ڇڏي آهي. لبنان ۾ امڪاني زميني آپريشن لاءِ 2 ريزرو برگيڊ کي گهرايو ويو آهي.هوڏانهن لبنان اسرائيل جنگ روڪڻ لاءِ عالمي طاقتون نيٺ ميدان تي اچي ويون، 21 ڏينهن لاءِ جنگبندي جي تجويز ڏني وئي. آمريڪا ۽ فرانس طرفان جنگبندي جي تجويز سامهون آئي آهي جنهن جي يورپي يونين، آسٽريليا، ڪينيڊا، اٽلي، جرمني، جاپان، سعودي عرب، يو اي اي ۽ قطر  حمايت ڪئي آهي. اي ايف پي موجب آمريڪي عملدارن جي هڪ اهلڪار نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته امڪان آهي ته لبنان ۽ اسرائيل جنگبندي تجويز ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ڪري وٺندا.

Leave A Comment