اسرائيلي جارحيت جو دفاع: جنگبندي ۽ يرغمالين جي آزادي جو وقت اچي ويو، اسان جي تجويز قبول ڪئي وڃي: بائيڊن

سيپٽمبر 25, 2024

نيويارڪ(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن  غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جو دفاع ڪندي چيو آهي ته جنگبندي ۽ يرغمالين جي واپسي واري ڊيل جو وقت اچي ويو آهي، وچ اوڀر ۾ جنگ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. 7 آڪٽوبر وارن حملن کي دنيا نظر انداز نٿي ڪري سگهي

گڏيل قومن جي 79 جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته هر ملڪ کي حق آهي ته پنهنجي دفاع کي يقيني بڻائي، غزا ۾ هزارين فلسطيني ٻارڙا انتهائي ڏکين حالتن مان گذري رهيا آهن

فلسطين جو مسئلو ٻه رياستي حل  آهي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته ايران جوهري هٿيار استعمال نه ڪري سگهندو

آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته ڇڪتاڻ سبب هزارين ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون، ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا، وچ اوڀر ۾ جنگ جو پکيڙ ڪنهن جي به حق ۾ ناهي، روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته خاموش رهي پئي سگهياسين پر اسان ايئن نه ڪيو، چين سان معاشي مقابلي ۾ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ واڌ سبب لبنان به جنگ جي ويجهو آهي، لبنان کي هڪ وڌيڪ غزا نه بڻجڻ گهرجي، غزا ۾ فلسطينين خلاف اجتماعي سزا بنا جواز آهي

انتونيو گوتريس جو وڌيڪ چوڻ هو ته دنيا ۾ سزا کان ڇوٽ وارو رجحان سياسي ۽ اخلاقي لحاظ سان ناقابل برداشت آهي، عالمي برادري غزا ۾ جنگبندي لاءِ گڏيل قدم کڻي ۽ ٻه رياست حل کي ڪامياب بڻائي

ترڪ صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن کي فلسطينين بابت مطالبن کي پورو ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪا راهه نڪرندي

هن چيو ته دنيا جي انصاف کي سڪيورٽي ڪائونسل جي 5 ميمبرن جي خواهش تي نٿو ڇڏي سگهجي.  وزير اعظم شهباز شريف به گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ آهي

Leave A Comment