اسرائيلي دهشتگردي ۾ شهيد لبنانين جو انگ 558 ٿي ويو، حسن نصرالله کي قتل جي ڌمڪي

سيپٽمبر 25, 2024

بيروت / تل ابيب/ واشنگٽن/ قاهره (م ڊ) اسرائيل طرفان لبنان جي شهرن تي جاري خوفناڪ بمباري ۾ مارجي ويلن جو انگ  558  ٿي ويو، جن ۾ 94 عورتون ۽ 50 ٻار به شامل آهن

نيتن ياهو حسن نصرالله کي قتل جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، اسرائيلي وحشياڻين ڪارروائين کانپوءِ  پوءِ هزارين ماڻهو پنهنجن گهرن کي ڇڏي محفوظ هنڌن جي ڳولا ۾ نڪري پيا آهن

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب اسرائيل لبنان جي گادي واري شهر بيروت سميت مختلف شهرن تي گذريل ٻن ڏينهن ۾ سوين هوائي حملا ڪري چڪو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 490 شهري فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ زخمي آهن گادي واري شهر بيروت جي روڊن سميت لبنان جي مختلف هاءِ ويز تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون ڏسڻ جي لاءِ ملي رهيون آهن

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو لبنان تي وحشياڻن حملن جو سلسلو جاري رکندي حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله کي قتل جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته لبناني عوام اسان جي وارننگ کي سنجيدگي سان وٺي فوري طور پنهنجي گهرن مان نڪري وڃن، وري وڏو حملو ڪري سگهون ٿا

نيتن ياهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسرائيلي فوج پنهنجي سرزمين ۽ عوام جي دفاع لاءِ حزب الله کي جواب ڏئي ٿي، لبنان جي عوام سان اسان جي ڪا به جنگ ناهي

هوڏانهن لبنان ۽ اسرائيل ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافي کانپوءِ آمريڪا وچ اوڀر ۾ موجود 40 هزار آمريڪي فوجين جي تعداد ۾ اضافي جو فيصلو ڪري ورتو. مصر بيروت ايندڙ ويندڙ اڏامون بند ڪري ڇڏيون.

 

Leave A Comment