سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ٿر ۾ 7 جاين تي وڄ ڪري پئي، 9 ڄڻا فوت، 45 جانور مري ويا، حيسڪو جا 200 فيڊر بند
جُولاءِ 30, 2024
ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 9 ماڻهو فوت، 37 جانور به مري ويا، حيسڪو جا 200 کان وڌيڪ فيڊرٽرپ ٿي ويا، شهري پريشان. ان سلسلي ۾ حيدرآباد شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو وسڪارو ٿيو، حيسڪو ريجن ۾ فني خرابي ۽ ضروري مرمت جو جواز ڄاڻائي 65 فيڊرز کي بجلي فراهمي بند ڪئي وئي جنهن ڪري شهري پريشان رهيا. برسات بعد شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو. ٻئي طرف ننگرپارڪر تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ آسماني وڄ ڪرڻ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 37 کان وڌيڪ جانور مري ويا . ڳوٺ اڪراڙو ڀيل ۾ آسماني وڄ ڪرڻ هڪ ئي خاندان جا 7 ڄڻا فوت ٻني ۾ ڪنڊي جي وڻ جي پاسي ۾ موجود هئا ته مٿن آسماني وڄ ڪري پئي، فوتين ۾ ڀيڻ ۽ ڀاءُ به شامل هئا. فوتين ۾ 20 سالن جو رميش ولد لڇمڻ ڀيل، 17 سالن جو رنجيت ولد گلجي ڀيل، 40 سالن جو ڀمرو ولد ڀوڄو ڀيل، 14 سالن جي سگنا ڌيءُ گلاب ڀيل، 16 سالن جو وڪرم ولد گلاب ڀيل، 17 سالن جي انيتا ڌيءَ ڀمرو ڀيل شامل آهن. جڏهن ته 15 سالن جو تابو ولد روپو ڀيل کي زخمي حالت ۾ مٺي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ساڳي واقعي ۾ 6 ڍڳيون پڻ مري ويون . جڏهن ته هڪ ئي خاندان ۾ 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي سوڳ وارو ماحول ڇانيل هو . علائقي ۾ خوف واري صورتحال هئي ۽ قيامت جهڙا منظر هئا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام متل هئا. هوڏانهن ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ ٻنٽاري ۾ صدر آصف زرداري جي ملازم نهال نائي جي اوطاق جي مٿان کنوڻ ڪرڻ سبب چوئنري ۾ ويٺل چيلهار واسي 40 سالن جو شفيع محمد ولد جمعو مڱڻهار ٿڏي تي فوت ٿي ويو . ڳوٺ ڪونڀاري ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 6 گڏهه مري ويا. ننگرپارڪر جي ڳوٺ تڳوسي ۾ گلاب ميگھواڙ جي ٻني ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ٻڪري مري ويئي. ڳوٺ ساڪرويرو ۾کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن جون 19 ٻڪريون مري ويون. جڏهن ته ڳوٺ گوڙي مندر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب سومار ولد ڦوٽو جون پنج ٻڪريون مري ويون . هوڏانهن ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ خميسو منڱريو ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 11 سالن جي فرزانه ڌيءُ اصغر منڱريو فوت ٿي وئي. ٻئي طرف عمرڪوٽ، قاضي احمد، ٻانڌي، ٽنڊو آدم، دوڙ، دريا خان مري، تيتري، چاناري، منگيا موري، دولتپور صفن، گپچاڻي، ڪڙيوگهنور، ڏيئي، ٽنڊوباگو، ڍورونارو، ڇور، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ھالا، اوڏيرو لال اسٽيشن ، سيتاروڊ، ماتلي ۽ ڀرپاسي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، گرميءَ جو زور ٽٽي ويو، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.
دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي ڇت برسات کان اڳ ئي ٽمي پئي
دادو (رپورٽر) دادو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ جي ڇت برسات کان اڳ ئي ٽمڻ شروع ٿي وئي، ڇت تي پيل پاڻي جي ٽانڪي ڀرجڻ سبب پاڻي ايمرجنسي وارڊ جي ڇت مان ٽمڻ شروع ويو ۽ وارڊ ۾ داخل مريض ٻاهر نڪري ويا، ذريعن موجب، 2022ع جي برساتن کانپوءِ ايمرجنسي وارڊ جي لکين رپين جي لاڳت سان مرمتي ڪم ڪيو ويو، اسپتال جي ملازمن خدشا ظاهر ڪيا ته برسات پوڻ جي صورت ۾ ايمرجنسي وارڊ کي وڏو نقصان رسندو.
ٿرپارڪر ۾ وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ ٿيل نقصان تي افسوس آهي: پ پ اڳواڻ
ننگرپارڪر ( ن پ ا ) پ پ پ ضلع ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ٿر ايڪشن فورم جي چيئرمين ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ 9 انساني زندگيون ضايع ٿيڻ ۽ چوپايو مال جي مرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ اڪراڙو ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعي ۾ 7 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن ۽ ڳوٺ ٻنٽاڙي ۾ چيلهار واسي فنڪار شفيع فقير فوت ٿيو آهي جڏهن ته ڳوٺ خميسو مڱريو جي ڍاڻي ۾ هڪ معصوم نياڻي به فوت ٿي آهي. هن چيو ته ايڪوهين صدي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڊجيٽل دور ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ انساني جانين جو ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ اسان جي حڪمرانن جي نااهلي آهي. هن چيو ته گذريل سال ٿر ايڪشن فورم پاران ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن تي ڪانفرنس ڪوٺائي کنوڻ ڪرڻ جي واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪمرانن کي تجويزون موڪليون ويون هيون، جيڪڏهن انهن تجويزون تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ايڏي وڏي پيماني تي انساني زندگين جو نقصان نه ٿي ها. هن چيو ته ٿر جي 2500 ڳوٺن ۾ فوري طور تي ارٿ راڊون لڳائي وڌيڪ انساني زندگين ۽ چوپايو مال کي کنوڻ ڪرڻ جي واقعن کان محفوظ بڻايو وڃي.