جي ايچ ڪيو اڳيان مظاهرا ڪرائڻ جو اعتراف، پرامن احتجاج کي بغاوت بڻايو ويو، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ بدران مارشل لا هڻو: عمران

جُولاءِ 23, 2024

راولپنڊي ( م ڊ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ايچ ڪيو آڏو احتجاج جو سڏ ڏيڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته پرامن احتجاج کي بغاوت بڻايو ويو، ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ بدران مارشل لا لڳائي وڃي، مون کي ملٽري جيل موڪليو ويندو، مخصوص سيٽن جي رويو پٽيشن تي چيف جسٽس کي تمام گهڻي جلدي آهي. چيف جسٽس کي چوان ٿو ته 25 مئي جي حوالي سان پٽيشن تي ٻڌڻي ڇو ناهي ٿي رهي، اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 14 مارچ تي سندس گهر زمان پارڪ تي پوليس ۽ رينجرز چڙهائي ڪئي، جيتوڻيڪ منهنجن وڪيلن خاطري ڪرائي هئي ته اسان جاچ ۾ شامل به ٿينداسين ۽ گرفتاري به ڏينداسين. عمران خان چيو ته 18 مارچ تي جڊيشل ڪمليڪس تي وري پوليس مون تي حملو ڪيو، جڊيشل ڪمپليڪس جي اندر ۽ ٻاهر شيلنگ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ باني چيو ته مون کي اندازو ٿي ويو هو ته مون کي گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته پنهنجي گرفتاري کان اڳ جي ايچ ڪيو جي آڏو پرامن احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو. باني پي ٽي آءِ وڌيڪ چيو ته ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ آڻڻ کان بهتر آهي مارشل لا لڳايو، هونئن به ته اڻ اعلانيه مارشل لا لڳل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته پنهنجي وڪيلن کي ڪجهه پوائنٽس ٻڌايان ٿو انهي بنياد تي غير ملڪي رسالي ۾ انٽرويو ڇپيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته سڀني کي خبر آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ هڪ طرفو معاملو هلي رهيو آهي اسان جا ڪارڪن ملٽري جيل ۾ پيل آهن، انهن جو منصوبو آهي ته مون کي به 9 مئي جي ڪيسن ۾ ملٽري جيل ۾ وجهن، پتو پئجي ويو هو ته مون کي گرفتار ڪيو ويندو، گرفتاري کان اڳ ڪارڪنن کي جي ايچ ڪيو جي سامهون پرامن احتجاج جي ڪال ڏني هئي. باني پي ٽي آءِ الزام لڳائيندي چيو ته پارٽي چيئرمين کي رينجرزاغوا ڪري ويندي، ڪارڪنن کي چيو ته جي ايچ او ڪيو جي سامهون ئي مظاهرو ڪيو. اسان جي پرامن احتجاج کي بغاوت بڻايو ويو. جيڪڏهن اسان پرامن نه هجون ها ته ياسمين راشد جناح هائوس جي ٻاهر ماڻهن کي اندر وڃڻ کان نه روڪي ها. 9 مئي واقعن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز چوري ڪيا ويا. عمران خان وڌيڪ چيو ته هي ڪهڙي جمهوريت آهي جو پارٽي چيئرمين ۽ ترجمان کي گرفتارڪيو ويو، جمهوريت جون ڌڄيون اُڏايون ويون، سڀني کي خبر آهي ته ملڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جو حل ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ کي سمجهندڙ بيوقوف آهن، موجوده بحرانن مان نڪرڻ جو واحد حل صاف شفاف چونڊون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عطا تارڙ جيڪڏهن سچ ڳالهائي رهيو آهي ته اچي مون سان ملي، ڊيٿ سيل ۽ دهشتگردي جي ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جي سيل جون ڀتيون منهنجي ڪمري سان گڏ آهن. وفاق، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پنهنجي پارلياماني ميمبرن کي بک هڙتال ڪرڻ جو چوندس. عمران خان وڌيڪ چيو ته نواز شريف واڳون جيان ڳوڙها ڳاڙي پنهنجي ئي حڪومت کي چئي رهيو آهي ته مهانگائي ڪئي وئي آهي، نوازليگ پنهنجي حڪومتي دور ۾ آءِ پي پيز سان مهانگا معاهدا ڪيا، انهن معاهدن جي ڪري بجلي جون قيمتون ڪنٽرول کان ٻاهر آهن

Leave A Comment