جيڪب آباد ۾ عدالت تي پيشي لاءِ ويندڙن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا
جُون 20, 2024
جيڪب آباد ۾ عدالت تي پيشي لاءِ ويندڙن تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پيٽرول پمپ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پهوڙ برادري سان تعلق رکندڙ 2 ڄڻا منير ۽ حيات پهوڙ ٿڏي تي مارجي ويا، زخمي ٿيل نصير پهوڙ کي لاڙڪاڻي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏنو، مرڻ کان اڳ نصير پهوڙ بيان ۾ چيو ته جوابدارن بابو، ذڪريا ۽ ڪبير حملو ڪيو، حملي ۾ منهنجو چاچو ۽ سئوٽ مارجي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، 2018 ۾ مقتولن جي ڌر پاران شهمير نالي همراهه کي قتل ڪيو ويو هو، واقعو پلاند واري ڪارروائي جو نتيجو لڳي ٿو