جيڪب آباد جي جمس اسپتال جي سي سي ٽي وي ڪيمرا روم کي باهه لڳي وئي: ريڪارڊ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو
مارچ 30, 2024
جيڪب آباد جي جمس اسپتال جي سي سي ٽي وي ڪيمرا روم کي باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ سبب ڪمپيوٽر، ڪيمرائون، ريڪارڊ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، سيڪيورٽي انچارج عباس مغيري جو چوڻ آهي ته باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، 20 لک روپين جي ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي ڪيمرا روم کي هٿ سان باهه ڏئي سيڪيورٽي جي نگراني وارو سمورو ريڪارڊ ساڙيو ويو آهي