جيڪب آباد ۾ هٿياربندن هٿان پوليو ٽيم يرغمال، عورت سان اغوا بعد مبينا طور زيادتي
سيپٽمبر 12, 2024
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ هٿياربندن پوليو ڦڙا پيارڻ لاءِ ايندڙ ٽيم کي يرغمال بڻائي ورتو، عورت پوليو ورڪر سان مبينا اجتماعي زيادتي، ڊي سي، ڊي ايڇ او ۽ ايس ايس پي واقعي واري هنڌ پهتا، ميڊيڪل ۾ زيادتي جي تصديق، مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهه بخش جکراڻي ۾ ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ لاءِ ٽيم پهتي ته هٿياربندن انهن کي يرغمال بڻائي ورتو،هٿياربندن عورت پوليو ورڪر کي جهنگ ۾ وٺي هٿيارن جي زور تي مبينا اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو
پوليو ورڪر ٽيم جي اغوا جي اطلاع تي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو،ڊي سي ظهور احمد مري، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي، ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا کي ساڻ ڪري واردات واري هنڌ پهتا، پوليس پوليو ورڪر عورت مسمات ع ۽ مرد پوليو ورڪر نهال پنهور کي بازياب ڪرائي ورتو
بازياب ڪرائڻ کانپوءِ متاثره عورت کي جمس اسپتال آندو ويو، جتي ميڊيڪل ڪرائي وئي، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ عورت سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته حتمي رپورٽ لاءِ جزا پڻ ورتا ويا جيڪي ڪيميڪل لاءِ روهڙي ليبارٽري اماڻيا ويندا
مونسان ظلم ڪيو ويو، گهر وارا قبول ڪندا الائي نه : عورت
جيڪب آباد: عورت پوليو ورڪر زيادتي واري معاملي کانپوءِ گهر وڃڻ تي منجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي متاثره عورت پاران ڊي سي آڏو بيان ڏنو ويو آهي ته جوابدارن پاران زيادتي کانپوءِ منهنجي زندگي کي خطرو آهي، گهر وارا مون کي اهڙي صورت ۾ قبول ڪندا الائي نه، عورت پاران روئيندي دانھيو ويو ته منهنجا ٻچا هاڻي دربدر ٿي ويندا مون سان ظلم ڪيو ويو آهي، عورت جي جان کي خطرو هئڻ سبب ضلعي انتظاميا پاران متاثره عورت کي پناهه گهر ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جمس اسپتال مان فارغ ٿيڻ کان متاثره عورت کي شيلٽر هائوس منتقل ڪيو ويندو
ڪيس ڪنهن جي فرياد تي داخل ٿئي؟ انتظاميا مونجھاري جو شڪار
جيڪب آباد: پوليو ورڪر سان مبينا زيادتي واري معاملي جو ڪيس ڪنهن جي فرياد تي داخل ڪيو وڃي پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ صحت کاتو منجهاري جو شڪار ٿيل آهي، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي ٻڌايو ته واردات واري معاملي جو ڪيس وارثن داخل نه ڪرايو ته پوليس کي داخل ڪرڻو پوندو، واقعو ته اوهان جي ورڪر سان ٿيو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر جيڪو حڪم ڏيندا ان تي عمل ڪرايو ويندو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا سان رابطو ڪري پڇا ڪئي وئي ته زيادتي جي شڪار عورت واري معاملي جو فريادي پوليس هوندو، ضلعي انتظاميا يا صحت کاتو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته عورت صحت کاتي جي ورڪر آهي اگر عورت جا وارث فريادي ٿيڻ لاءِ تيار آهن ته پوءِ انهن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرايو ويندو وارثن جي نه اچڻ جي صورت ۾ ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او سان مشاورت کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو اهو به بعد ۾ خبر پوندو ته فريادي ڪير ٿيندو
عورت اغوا جي اطلاع تي ڊي سي پنهنجو ذاتي پسٽل کڻي جھنگ ۾ لهي پيو، پوليس دير پهتي
جيڪب آباد: پوليو ورڪر جي اغوا ۽ مبين زيادتي واري واقعي جي اطلاع تي پهرين ڊپٽي ڪمشنر ظهور احمد مري پهتو پوليس ۽ صحت کاتي جا عملدار دير سان پهتا ڊپٽي ڪمشنر پنهنجي ذاتي پسٽل چيمبر ڪري پنهنجي گارڊن سميت جهنگ ۾ لٿو ته ان کي پوليس گارڊن پاران روڪيو ويو ته علائقو خراب آهي اندر جهنگ ۾ لهڻ سان فائرنگ ٿي سگهي ٿو پر ڊي سي اهو چئي عورت جي ڳولا ۾ جهنگ اندر لهي ويو ته عورت اغوا ٿيل هجي اسان مرد ٻاهر بيهي انتظار ڪريون جنهن کانپوءِ ٻيو عملو به ڊي سي سان گڏجي جهنگ ۾ لٿو جتان عورت کي بازياب ڪرايو ويو آهي
ڪيس وارثن داخل نه ڪرايو ته پوليس کي داخل ڪرڻو پوندو: ڊي ايڇ او ارشاد سرڪي
جيڪب آباد: ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي ٻڌايو ته واردات واري معاملي جو ڪيس وارثن داخل نه ڪرايو ته پوليس کي داخل ڪرڻو پوندو
باجوڙ ۾ پوليو ٽيم تي حملو، هڪ ورڪر ۽ پوليس اهلڪار قتل
باجوڙ(م ڊ) باجوڙ جي سلارزئي علائقي ۾ هٿياربندن پوليو ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ پوليو ورڪر مارجي ويا. ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. پوليس موجب سلارزئي ۾ پوليو ٽيم تي نامعلوم ماڻهن طرفان فائرنگ ڪئي وئي. واقعي ۾ مارجي ويلن جا لاش هيڊڪوارٽر اسپتال روانا ڪيا ويا. پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي
ميان صاحب ۾ هٿياربندن هٿان پوليو ورڪر يرغمال
ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب لڳ سلطان ڪوٽ – ميان صاحب لنڪ روڊ تي لائق شاھ لاڙي وٽ ٽن نامعلوم موٽر سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي پوليو ورڪر سليم پيچوھو کي يرغمال بڻائي مارڪٽ کانپوءِ سندس موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، ڦر واقعي خلاف پوليو ورڪر سليم ﷲ پيچوھو ،ديدار شيخ ۽ سيد نزاڪت علي شاھ احتجاج ڪندي چيو ته جوابدار گرفتا رنه ٿيا ته پوليو ڊيوٽي کان به بائيڪاٽ ڪيو ويندو.ٻي طرف پوليس موجب ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي