جيڪب آباد ۾ زيادتي شڪار پوليو ورڪر جي وڊيو جو انڪشاف: مڙس ڇڏي ويو، ٻار به کسي ورتا
سيپٽمبر 14, 2024
جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو ) جيڪب آباد ۾ عورت پوليو ورڪر سان ڏاڍائي بابت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران ورتل نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي، پوليس پاران متاثر عورت مسمات (ع) کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، جتي عورت پاران پاڻ سان ڏاڍائي ٿيڻ جي دعويٰ ڪندي پوليس ۽ انتظاميا پاران سندس ڪيس کي لوڙهڻ واري ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ لڙڪ لاڙيندي عدالت کي گذارش ڪئي ته هن واقع بعد منهنجي مڙس مونکي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٻار به کسي ورتا اٿس، جنهن لاءِ هاڻي مونکي والدين ڏانهن موڪليو وڃي .جنهن تي عدالت عورت کي چيو ته اوهان ٻارن بابت درخواست ڏيو ته اوهان کي ٻار واپس ڪرايا ويندا،جنهن تي عورت چيو ته هن وقت مان ڪجهه به نه ٿي ڪرڻ چاهيان، جنهن تي عدالت پوليس کي هدايتون ڏنيون ته عورت کي سندس والدين حوالي ڪري سيڪيورٽي ڏني وڃي.ٻي طرف ذريعن موجب عورت سان ٽن جوابدارن جنسي ڏاڍائي ڪندي سندس وڊيو به رڪارڊ ڪئي، جيڪا موبائل ان بااثر شخص وٽ موجود آهي، جنهن الزام هيٺ آيل جوابدار احمد عرف انبي جکراڻي کي پوليس حوالي ڪيو ۽ وڊيو بابت ايس ايس پي ۽ ڊي سي کي پڻ علم آهي، جيڪي بااثر آڏو بي وس بڻيل آهن.
عورت پوليو ورڪر جي حفاظت لاءِ سڪيورٽي نه هئي: رپورٽ
جيڪب آباد: ٻڌڻي بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ٻن صفحن تي مشتمل آرڊر ۾ لکيو ته ايس ايس پي پاران جمع ڪرايل رپورٽ موجب متاثر پوليو ورڪر سان مرد يا عورت پوليس اهلڪار سندس حفاظت لاءِ موجود نه هئا، ڇاڪاڻ ته ڊي ايچ او پاران پوليس کي سيڪيورٽي لاءِ نه لکيو ويو هو ته پوليو ورڪرز کي حفاظت جي ضرورت آهي جيسيتائين لکت ۾ نه ڏنو وڃي اسين پوليس فراهم نه ٿا ڪري سگهون.
ڪيس خراب ڪرڻ ۽ جوابدار بچائڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم
جيڪب آباد: پوليو ٽيم جي عورت ورڪر سان مبينا زيادتي جو معاملو لوڙهڻ لاءِ بااثر ڌريون سرگرم ٿي ويون، وڪيلن موجب متاثر عورت پهرين ڏينهن احمد عرف انبي سميت 2 جوابدارن خلاف اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ جا الزام هنيا هئا، متاثر پوليو ورڪر جا ڊي اين اي چڪاس لاءِ جزا به ورتا ويا، گذريل ڏينهن متاثر عورت جي نالي سان مولاداد ٿاڻي تي هڪ جوابدار احمد عرف انبي خلاف رڳو ڦرلٽ ۽ موتمار ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، جيڪب آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر سان مبينا زيادتي معاملي جو صحت وارو عالمي ادارو ڊبليو ايڇ او به نوٽيس وٺي چڪو آهي.
ڦر ڪيس ۾ ڏاڍائي جا قلم به شامل ٿيندا: ايس ايس پي جيڪب آباد
جيڪب آباد: عدالت ۾ پوليو ورڪر پاران ڏاڍائي جي بيان بعد ايس ايس پي پاران ڊي سي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي وئي، جتي ايس ايس پي صحافين کي ٻڌايو ته عورت کي سيف هائوس ۾ رکڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته عورت بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجي مرضي جو بيان ڏيئي سگهي ۽ عورت عدالت ۾ اهڙو بيان ڏنو آهي ته ساڻس ڏاڍائي ٿي آهي جنهن بعد هاڻي ڦر واري ڪيس کي ڏاڍائي وارو قلم 376 شامل ڪيو ويندو ۽ عدالتي حڪم تي ڊي ايس پي سٽي گل حسن ٿيٻو جي سربراهي ۾ انسپيڪٽر نئير سلطانا ۽ ايس ايڇ او مولاداد سيف الله جاگيراڻي تي ٻڌل ٽي رڪني جي آئي ٽي جوڙي وئي آهي جيڪا وڌيڪ جاچ ڪندي.
عدالت طرفان جاچ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم، رپورٽ طلب
جيڪب آباد: عدالت پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ ايس ايس پي کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيڪڏهن ضلعي اندر عورت پوليس آفيسر موجود آهي ته سندس سربراهي ۾ جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي حتمي رپورٽ ٻن هفتن جي اندر پيش ڪئي وڃي.
نياڻين ۾ خوف: جوابدارن کي سزا ڏئي مثال قائم ڪجي: سڄاڻ ڌريون
جيڪب آباد: عورت کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سنڌ دوست ڪاميٽي پاران شهيد ڀٽو هائوس تي انتظار ڇلگري ۽ نديم قريشي جي اڳواڻي ۾ شهر جي سياسي سماجي ۽ ڪاروباري ڌرين جو اجلاس سڏايو ويو، جنهن کي انتظار ڇلگري خطاب ڪندي چيو ته جيڪب آباد جي مظلوم نياڻي سان ٿيل ظلم جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، اسين کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ هر قسم جي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، نديم قريشي چيو ته اسين جوابدارن کي وائکو ڪرڻ ۽ نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪنداسين، ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته عدالت ۾ متاثر عورت پاران زيادتي جي بيان بعد پوليس جو جوابدارن سان ٻٽ هئڻ جي تصديق ٿي آهي، احمد علي بروهي، لالچند سيتلاڻي، ديدار لاشاري، عالم کوسو، علامه مقصود ڊومڪي، جان اوڍاڻو، خالد جھلڻ سميت ٻين عورت سان زيادتي واري واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اي پي سي ۾ پڻ اهو اعلان ڪيو ويو ته هي هڪ عورت جو معاملو ناهي جيڪب آباد ۾ سوين عورتون پبلڪ سيڪٽر ۾ ڪم ڪن ٿيون، انهن جي عزت به دٻاءُ تي لڳل آهي جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ تحريڪ هلايو ويندو،ٻي طرف جي يو آءِ پاران ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ متاثر عورت سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري گهر ڪئي وئي ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري مظلوم نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي ۽ جهڙ جهنگ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ڊيوٽي ڪندڙ نياڻين کي حفاظت فراهم ڪئي وڃي.
قاسم آباد ۾ پوليو ورڪرن کان ڦر، ٿاڻي تي رپورٽ داخل
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي علائقي شاھ بخاري ويجهو ڳوٺ خاوند کوسو ۾ پوليو مھم دوران گذريل ڏينھن پوليو ٽيم فرحان علي لغاري ۽ ذڪيا سولنگي ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ وڃي رھيا ھئا ته رستي ۾ ٻن نامعلوم ھٿياربند موٽرسائيڪل سوارن کين روڪيو ۽ گارگند ڪري مارڪٽ ڪئي ۽ بعد ۾ ھڪ ڪاري رنگ جي سي ڊي 70 موٽرسائيڪل، 50 ھزار روڪ رقم ۽ ھڪ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جنھن جي رپورٽ ڇلگري ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آھي جڏھن ته ڊي سي حيدرآباد کي پڻ لکت ۾ درخواست ڏني وئي آھي. متاثر نوجوان فرحان ڊي سي حيدرآباد، ڊي ايڇ او حيدرآباد سميت ڊبليو ايڇ او اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڦر ڪيل موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي وڃي.