جيڪب آباد ۾ پنهورخاندان ۾ ملڪيتي تڪرار تيز، منظور پنهور جي پٽن تي چوري ڪيس داخل

جُولاءِ 10, 2024

جيڪب آباد(رپورٽ عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ مرحوم منظور پنهور سندس سئوٽ اصغر پنهور ۾ ملڪيت تان هلندڙ تڪرار هاڻي ان جي پٽن ۾ تيز ٿي ويو. آباد ٿاڻي تي اصغر پنهور جي پٽ شجاءُ الله پنهور مرحوم منظور پنهور جي پٽن اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنھور، سندس ڀاءُ سليمان پنهور سميت ذاتي ملازمن غلام محمد فيصل ۽ فاروق پنهور خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪرايو .  ڪيس ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو ته مرحوم مير منظور پنهور ۽ بابا  اصغر پنهور وچ ۾ ملڪيت جي مالڪي تان جهيڙو هو، ظفر الله جمالي ان  وقت 2015 ۾ نبيرو ڪيو، جنهن تحت جيڪب آباد شهر ۾ سردار آدم خان پنهور جي نالي سان قائم سراءِ بنگلو ۽ ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ پراڻو بنگلو اسان جي حوالي ڪيو ويو،  2022 ۾ اسان پنهنجي ڳوٺ آدم خان پنهور ۾ بنگلي تي موجود هئاسين ته مٿين جوابدارن هٿياربند ساڻ ڪري گهڙي بنگلي ۾ پيل 10 تولا سوني دهري، 8 سولر پليٽون 4 بيٽريون ۽ هڪ ايل اِي ڊي چوري ڪئي،آباد پوليس ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ الزام هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.  آباد پوليس ٻڌايو ته اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنھور سندس ڀاءُ سليمان پنهور سميت 5 ڄڻن خلاف چوري جو ڪيس داخل ڪيوآهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪبو.

ملڪيت تڪرار تان مائٽي به ختم ڪئي وئي، اصغر پنهور سئوٽ منظور پنهور جي جنازي ۾ به شريڪ نه ٿيو

جيڪب آباد: مرحوم مير منظور پنهور سندس سؤٽ مير اصغر پنهور ۾ ملڪيت تان هلندڙ تڪرار ايتري شدت اختيار ڪري چڪي هئي جو ٻنهي سئوٽن جي اولادن وچ ۾ ٿيل رشتيداري به ختم ٿي چڪي آهي مرحوم مير منظور پنهور جي نياڻي سندس سئوٽ مير اصغر پنهور جي پٽ مير شجاءُ الله پنهور جي مڱ هئي جيڪا ملڪيت تان تڪرار وڌي وڃڻ ۽ ويڇا پيدا ٿيڻ کانپوءِ مرحوم مير منظور پنهور پاران پنهنجي نياڻي جو رشتو ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي پٽ محسن سرڪي سان ڪرايو ويو هو، جڏهن ته مير منظور پنهور جي اوچتي لاڏاڻي تي سندس سئوٽ مير اصغر خان پنهور نه جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي هئي نه ئي تڏي تي اچي پڻ عذرخواهي ڪئي هئي.

لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي: اڳوڻو ايم پي اي اورنگزيب

جيڪب آباد: چوري الزام هيٺ آيل اڳوڻي ايم پي اي اورنگزيب پنھور ٻڌايو ته اسان خلاف لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ پاران منهنجي مخالفن مير شجاءُ الله پنهور، ذيشان پنهور سميت ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو اسان به انهن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندسين هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پوليس جاچ ڪندي جيڪو ڏوهي هوندو ان خلاف ڪيس هلندو باقي ٻيو ڪيس خارج ٿي ويندو هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اسان صاف ۽ سچا آهيون جلد ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيندو اسان نروار ٿينداسين.

Leave A Comment