جيڪب آباد ۾ بدامني ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي، وڌيڪ 2 هندو ڪٽنب ڀارت روانا
آگسٽ 17, 2024
جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ وڌندڙ بدامني، ڀتا خوري ۽ سيپڪو جي زيادتين کان تنگ ٿي هندو برادري جي لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي لاقانونيت کان تنگ وڌيڪ 2 هندو خاندان ڀارت روانو ٿي ويا آهن مليل ڄاڻ موجب سونو ڪمار ۽ مڪيش ڪمار جا خاندان واگها بارڊر پار ڪري ڀارت پهچي ويا آهن، جڏهن ته شهر کان لڏپلاڻ کان اڳ پنهنجن پيارن سان مليا ۽ روئيندڙ اکين سان پنهنجي شهر کي الوداع ڪيو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪيترائي خاندان ڀارت وڃڻ لاءِ تيار آهن مقامي انتظاميا جيڪب آباد مان هندو برادري جي لڏپلاڻ کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي هندو برادري سميت شريف شهري تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي تي لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن شهري حلقن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي شهر ۾ ڦرلٽ جي وارداتن سبب شهري سخت پريشان آهن ضلع انتظاميا توڙي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ تيار ناهي شهرين مطالبو ڪيو ته جيڪب آباد ۾ هندو برادري سان سيپڪو جي خلاف ورزي بند ڪري امن امان سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن
هندو برادري جي لڏپلاڻ بابت تڪ جي ايم اين اي پاران اڻڄاڻائي ظاهر
جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي جنم ڀومي مان گذريل هڪ سال کان هندو برادري جي وڏي انگ پاران پاڙيسري ملڪ ڀارت لڏي وڃڻ جي معاملي کان تڪ جو ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي اڻڄاڻ بڻيل آهي ايم اين اي اعجاز حسين جکراڻي ڪالهه ترقياتي اسڪيم جي افتتاح وقت ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران صحافي جو هندو برادري جي لڏپلاڻ بابت پڇيل سوال تي اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪب آباد ضلعي مان هندو برادري جي لڏپلاڻ جي ڳالهين ۾ صداقت ناهي آئون هتان جو چونڊيل نمائندو آهيان اگر هندو برادري پاران لڏپلاڻ ڪئي ويندي ته پهريون مون کي ئي خبر پئجي ويندي، هوڏانهن هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي رابطو ڪرڻ تي چيو ته امن امان جي صورتحال صرف اقليتي برادري جي لاءِ نه بلڪه اڪثريتي برادري لاءِ به ڳڻتي جوڳي آهي اگر اڪثريتي برادري مسلمانن کي ڪنھن ملڪ ۾ وڃڻ جو موقعو هجي ها ته پهريان اهي ئي شهر ڇڏي وڃن ها، هن چيو ته هتان کان هندو برادري جا لڏپلاڻ اهي ماڻهو ڪري وڃن ٿا جنھن جو هن شهر ۾ گذارو نه ٿو ٿئي. هندو اڳواڻ ڊاڪٽر بي ايڇ کرانا جيڪب آباد مان هندو برادري جي لڏپلاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هندو برادري جي لڏپلاڻ جا اصل ڪارڻ بدامني، مهانگائي، ڪاروبار نه هجڻ سميت بنيادي سهولتون نه هئڻ آهي هن چيو ته بدامني جو صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي جو ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهن پيا شهر جو ڪاروبار پوليس جي روين جي ڪري تباهه ٿي چڪو آهي اسان جي شهر جو ڪاروبار بلوچستان جي شهرن سان ٻڌل هو پر هتان جي پوليس چيڪنگ بهاني بلوچستان کان ايندڙ ماڻهن کي ايترو تنگ ڪري ٿي جو هنن اچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي بجلي جي صورتحال اها آهي ته 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ باوجود لکين روپين جا بل اماڻيا وڃن ٿا شهر ۾ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي انهن ڪري هندو برادري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي چڪي آهي هندو برادري جي لڏپلاڻ کان روڪڻ لاءِ امن امان کي بحال ڪري ڪاروباري ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته پوءِ لڏپلاڻ روڪجي سگهي ٿي