جيڪب آباد پوليس پاران شهيد اهلڪار جي پلاند ۾ مبينا مقابلو، ڏوهاري مارڻ جي دعويٰ

جُولاءِ 4, 2024

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد باءِ پاس ڀرسان جاگير ويندڙ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري نوڪر حسين گلواڻي مارجي ويو، پوليس ٻه ڏينهن اڳ شهيد ٿيل اهلڪار شاهنواز ککراڻي واقعي ۾ ملوث جوابدار نوڪر گلواڻي کي پلاند ۾ مارڻ ۽ ڪلاشنڪوف هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڏوهاري جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڊي ايس پي صدر سلطان چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ۽ سي آءِ اي پوليس جو 4 موٽرسائيڪل تي سوار 8 ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڏوهاري نوڪر گلواڻي مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري 2 ڏينهن اڳ شهيد اهلڪار شاهنواز ککراڻي جي قتل ۾ ملوث هو  پنهنجي شهيد اهلڪار جو پلاند ڪيو آهي. مارجي ويل ڏوهاري کان ڪلاشنڪوف ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪيو ويو آهي هن چيو ته نوڪر گلواڻي ڪجهه ڏينهن اڳ باءِ پاس تي ڦر دوران مزاحمت تي خانپور واسي نوجوان ڌڻي بخش بروهي کي زخمي ڪيو  هو جيڪو پاڻ به پنهنجي ساٿي جي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو پوليس موجب ته مارجي ويل ڏوهاري جا 7 ساٿي فرار ٿي ويا آهن ٻين ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن جلد انهن کي به گرفتار ڪيو ويندو

ڪنڌڪوٽ ڀرسان پوليس چوڪي تي حملو، 2 اهلڪار شهيد، ڀيو گينگ سربراهه جو ڀاءُ مارجي ويو

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عمران کوسو) ڪنڌڪوٽ جي دراني مهر ٿاڻي جي حد ددڙ پوليس پڪٽ تي ڏوهاري جي حملي ۾ 2 جوان شهيد ۽ 2 اهلڪار زخمي ٿي پيا.گوليون لڳڻ سبب نوشهروفيروز واسي نثار ڪلهوڙو، ڪنڌڪوٽ واسي الله ڏنا سبزوئي شهيد، جڏهن ته اي ايس آءِ انور چنو ۽ زاهد نصيراڻي زخمي ٿي پيا.شهيد اهلڪارن جا مڙهه پوليس موبائل تي اسپتال آندا ويا، جڏهن ته زخمي اهلڪارن کي ٻين اهلڪارن موٽرسائيڪل تي کڻي ڪنڌڪوٽ سول اسپتال پهچايو. پڪٽ تي حملي بعد پوليس پاران وڌيڪ پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ رينجرز اهلڪار گڏجي پوليس آپريشن ۾ حصو ورتو. ان سلسلي ۾ بروقت پوليس جو موقف سامهون اچڻ تي ٻڌايو ويو ته ددڙ پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پوليس جوان آر آر ايف سکر جي پلٽون هئي جنهن تي ڏوهاري ٽولي حملو ڪيو. پوليس پڪٽ تي 20 کان مٿي ڌاڙيلن جي ٽولي پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو. پوليس موجب پوليس پڪٽ ددڙ تي ڀيو گينگ حملو ڪيو. ڪنڌڪوٽ:ددڙ پوليس پڪٽ تي حملي بعد ڪنڌڪوٽ جي سول اسوتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. پوليس پڪٽ تي حملي بعد شهيد پوليس اهلڪارن جي مڙه ۽ زخمين کي ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ شهري ۽ سبزوئي برادري جا ماڻهو اسپتال پهتا جنهن سبب امدادي ڪارواين ۾ مشڪلاتون سامهون آيون.پوليس پڪٽ تي حملي بعد ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي اسپتال پهتو جتي ڊي سي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس اهلڪار ڏوهاري ٽولي سان بهادري سان مقابلو ڪيو اسان سڀني جو فرض آهي ته پنهنجي پوليس جو ساٿ ڏيون هن چيو ته اسپتال ۾ سڀ گهرجون مڪمل هنيو وڌيڪ علاج لاءِ زخمي اهلڪارن کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي

صبح جو ڏوهارين حملو ڪيو، اهلڪار نماز پڙهي رهيا هئا: عامر ڏهر

ڪنڌڪوٽ: ددڙ پڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار عامر ڏهر جو چوڻ هو ته صبح جو ساڍا 5 جو ٽائيم هو ته موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيلن حملو ڪيو، پڪٽ تي 8 جوان ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئا، پوليس پڪٽ تي حملي وقت ڪجهه جوان نماز پڙهي رهيا هئا ته ڪجهه چانهن تيار ڪري رهيا هئا. جوابي ڪارروائي ۾ ڌاڙيل خادم ڀيو جو وڏو ڀاءَ موالي ڀيو مارجي ويو. پوليس پڪٽ ددڙ تي اسان 8 پوليس جمعدار نثار ڪلهوڙو،پوليس اهلڪار الله ڏنو سبزوئي،اي ايس آءِ انور چنو،پوليس اهلڪار زاهد نصيراڻي،پوليس اهلڪار عامر ڏهر،پوليس اهلڪار هاشم جعفري،پوليس اهلڪار اسحاق سومرو،پوليس اهلڪار رفيق ڀيو ڊيوٽي سرانجام ڏئي رهيا هئاسين

رستم مان اغوا ٿيل 4 ڄڻا بازياب نه ٿيا، وارثن ڪچي ۾ پاڪ ڪتاب گهمايو

شڪارپور/ چڪ(نمائندن وٽان) رستم ٿاڻي جي حد شهلي پير وٽان اغوا ٿي ويل چئن ڄڻن عمر قريشي، آصف قريشي. بادشاهه قريشي ۽ حسنين کي بازياب نه ڪرائي سگهي، پوليس مان مايوس مغوين جا وارث ۽ شهري  پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي ۾ لهي پيا، لٿان به کڙڪ نه پوڻ تي وارث مايوس ٿي موٽي آيا، ٻي طرف اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش مهر، ايم پي اي محمد عارف مهر ۽ ڪامران مهر وفد جي صورت ۾ ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون ملاقات ڪئي، ايس ايس پي شڪارپور پاران مغوين جي جلد بازيابيءَ جي خاطر ڪرائي وئي. عبدالغفار شاهه، صدام دايو، مير جاگيراڻي ۽ مولا بخش به ڏوهارين وٽ قيد آهي

ٺل جو زميندار بازياب نه ٿيو، اڄ ڌرڻو، پمفليٽ ورهايا ويا

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو آر ڊي 52 ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو کوسو مان 24 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل زميندار بهرام کوسو کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي. کوسا برادري پاران چيئرمين ضلع ڪائونسل طاهر کوسو جي اڳواڻي ۾ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ مغوي بهرام کوسو جي وارثن ۽ کوسا برادري جي معززين شرڪت ڪئي. چيئرمين ضلع ڪائونسل طاهر کوسو چيو ته زميندار بهرام کوسو جي بازيابي لاءِ اڄ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. مغوي زميندار بهرام کوسو جي پٽ صدام کوسو چيو ته بابا کي پوليس بازياب ناهي ڪرائي سگهي، ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي پريشاني ۾ ورتل آهيون.  گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد کان گهر ڪئي وئي ته بهرام کوسو کي بازياب ڪرايو وڃي. هوڏانهن ٺل ۾ کوسا برادري جي نوجوانن رويد کوسو ۽ ٻين دڪاندارن کي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ پمفليٽ ورها ويا. ياد رهي ته 24 ڏينهن اڳ پيارو کوسو مان زميندار بهرام کوسو کي اغوا ڪيو ويو هو

Leave A Comment