جيڪب آباد سول اسپتال ۾ عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ، ٻن ڄڻن کي ڪٽڪو

آگسٽ 28, 2024

جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ رات دير سان عورتون علاج لاءِ ايمرجنسي وارڊ پهتيون ته اتي سکيا وٺڻ لاءِ ڊيوٽي تي موجود عملي جي ٻن ڄڻن عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي جنهن تي اسپتال پهتل عورتون ڪاوڙ ۾ اچي ويون جن ٻن نوجوانن کي ڪٽڪو ڏنو اسپتال ۾ عورتن جي رڙين سبب ٿرٿلو مچي ويو جنهن سبب ڇيڙڇاڙ ڪندڙ ٻن ڄڻن سميت عملي ڀڄي جان ڇڏائي، عورتن جي وارثن ڪاوڙ ۾ اچي ايمرجنسي وارڊ ۾ دروازن جا شيشا  ڀڄي ڇڏيا آهن سول اسپتال جي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڇوڪرا پانڌي منجهو ۽ عابد عديل رات جي وقت سکيا وٺڻ لاءِ ڊيوٽي ڪندا آهن، جنهن رات دير سان علاج لاءِ ايندڙ ٻن عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪئي آهي، جنهن تي عورتن انهن کي چنبا هنيا، رڙين سبب اسپتال جو ٻيو عملو پهتو ته ٻئي سکيا وٺندڙ ڇوڪرا فرار ٿي ويا آهن، عورتن ڪاوڙ ۾ اچي اسپتال جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا آهن، هن چيو ته ان معاملي جو سول اسپتال جي ايم ايس کي اطلاع ڪيو ويو آهي، جيڪي ان معاملي جو نوٽيس وٺي وڌيڪ جاچ ڪندا، هوڏانهن سول اسپتال انتظاميا معاملي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر عبدالحڪيم سومرو جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا جاچ ڪري  ايم ايس کي رپورٽ ڏيندي، ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ايم ايس ڊاڪٽر غلام محمد ٽالاڻي ٻڌايو ته سکيا وٺندڙ ڇوڪرن نياڻين سان ڇيڙڇاڙ ڪئي آهي، جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا رپورٽ اماڻيندي ته انهن ڇوڪرن خلاف ڪارروائي لاءِ ايس ايس پي کي لکيو ويندو.

Leave A Comment