جيڪب آباد ۾ پوليس جي حراست دوران مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت
جُون 4, 2024
جيڪب آباد ۾ پوليس جي حراست دوران مبينا تشدد ۾ نوجوان فوت، وارثن پاران پوليس تي تشدد ڪري نوجوان عمران علي کي مارڻ جا الزام، فوتي نوجوان جي ڀاءُ ۽ پوليس اهلڪار اشفاق ڪٽو جو چوڻ آهي ته ڪٽو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي بعد مون پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ لاڪ اپ ڪرايو هو، ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن منهنجي ڀاءُ کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو، ايس ايڇ او سول لائين الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪٽو برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو هو، نوجوان کي لاڪ اپ ۾ تشدد ڪري مارڻ جا الزام بي بنياد آهن