جيڪب آباد پوليس ونگارو: ٻن ڄڻن جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ مقابلو ڄاڻائي ڇڏيو

اپريل 15, 2024

همايون شريف (ن پ ا ) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ۾ 4 ڏينهن اڳ پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ٻن نوجوانن عبدالله چانڊيو ساجد چانڊيو  کي مارڻ واري واقعي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. ڀيا برادري طرفان ڪمال شاھ ۽ حبيب الله جتوئي جي اڳواڻي ۾ ميڙمنٿ قافلو ڳوٺ جهان واھ مقتول نوجوانن عبدالله چانڊيو ۽ ساجد چانڊيو جي وارث ڪانگو چانڊيو وٽ پهتو. چڱن مڙسن مقتول جي وارثن کي چيو ته ڀيا برادري اعتراف ڪندي چيو ته هنن جو معارفاڻي برادري سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، اطلاع مليو ته موٽرسائيڪل تي 2 ڄڻا مٿن حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن، پنهنجي بچاءَ ۾ کين گوليون هڻي قتل ڪيو، غلط فهمي جي بنياد تي واقعو پيش آيو، هر ڏوهه ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيون. هوڏانهن مقتول جي پيءُ ڪانگو چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته  منهنجي پٽ ۽ ڀاڻيجي کي آباد ۽ مولاداد ٿاڻي ايڇ او اشتياق پٺاڻ ۽ وڏي منشي آصف مڱريو بااثرن جي ونگار وهندي رشوت وٺي ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماريو آهي. هن چيو ته مقابلي جو ڪيس به آباد ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو، منهنجي پٽ ۽ ڀاڻيجي کي ڀيا برادري جي ماڻهن قتل ڪري پوليس سان ملي ڀڳت ڪري ڊرامو رچايو ويو. مقتول جي وارث ڪانگو چانڊيو آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جي ٻن ڪونڌرنوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪندڙ ايس ايچ او مولاداد اشتياق پٺاڻ ۽ آباد ٿاڻي جي وڏي منشي آصف منڱريو کي نوڪري تان برطرف ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڦاهي تي ٽنگيو وڃي. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ جيڪب آباد ضلعي جي آباد ٿاڻي جي پوليس موٽرسائيڪل سوار ٻن نوجوانن عبدالله ۽ ساجد چانڊيو کي ڪوريجا شاخ وٽ ڏوهاري ڄاڻائي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.

Leave A Comment