جيڪب آباد ۾ وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي ليڪچرار ڦاهو کائي ڇڏيو

آڪٽوبر 4, 2024

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد ۾ وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي ليڪچرار جو ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، مبينا طور وياجين کان تنگ ٿي ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ليڪچرار انور علي پنهيار گهر اندر پکي سان رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،پوليس موجب ليڪچرار وياجين جي ظلم کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي، ليڪچرار پاران آپگهات کان اڳ خط لکيو ويو جنهن ۾ وياجين جا نالا شامل آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف رات جو دير سان جيڪب آباد ۾ ليڪچرار جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ شهرين سميت مٽ مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ماحول سوڳوار رهيو.

ذلت جي زندگي کان موت قبول ڪيان ٿو: ليڪچرار جو خط

جيڪب آباد: سامهون آيل خط ۾ ليڪچرار انور علي پنهيار لکيو آهي ته آئون عزتدار ماڻهو آهيان پر هتان جي وياجين منهنجي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، مان ذلت واري زندگي کان تنگ ٿي موت قبول ڪيان ٿو، بااثر وياج خور اسان جي آفيس ۾ تذليل ڪن ٿا، گهرن تي حملا ڪيا ويا آهن، هنن کي لغام ڏيڻ وارو ڪير ناهي، مون جهڙا کوڙ ماڻهو انهن ظالمن جو شڪار ٿيندا رهندا ۽ مائرن جا پٽ ايئن خودڪشي ڪندا رهندا.

ايس ايس پي صاحب! منهجي اولاد کي تنگ نه ڪجو: ليڪچرار جو خط

جيڪب آباد: ليڪچرار جي سامهو آيل خط ۾ لکيل هو ته ايس ايس پي صاحب ادب جا هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪريان ته منهنجي اولاد جي پارت اٿئو، انهن کي تنگ نه ڪجو مان ظالم سماج ۾ انهن کي اڪيلو ڇڏي ٿو وڃان.

جوابدار ڪارروائي کان آجا، واقعي جو ڪيس به داخل نه ٿيو

جيڪب آباد: فوت ٿيل ليڪچرار خط ۾ ڪجھه ماڻهن جا نالا لکيا آهن، جن جي لاءِ چيو ويو ته سندس موت جا ذميوار اهي آهن، پر پوليس ڄاڻايل ماڻهن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي، نه ئي وري ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي.

Leave A Comment