جماعت اسلامي جو لياقت باغ راولپنڊي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري

جُولاءِ 27, 2024

جماعت اسلامي جو بجليءَ جي واڌو اگهن، ٽيڪسز ۾ اضافي ۽ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي خلاف لياقت باغ راولپنڊي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري، جماعت جي امير حافظ نعيم ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان عوام جي رت چوسيندڙ بجلي ڪمپنيز کي لغام ڏيڻ چاهيون ٿا، بجلي ڪمپنيز جا مالڪ نوازليگ، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آءِ ۾ ويٺل آهن، مٿئين طبقي 99 سيڪڙو عوام کي حقن کان محروم رکيو آهي، بااثر مٿيون طبقو سموريون رعايتون حاصل ڪري عوام تي ظالماڻيون معاشي پاليسيون مڙهي رهيو آهي، بجلي جي اگهن ۾ لاٿ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو، جماعت اسلامي جي ترجمان موجب وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جماعت جي نائب امير لياقت بلوچ سان رابطو ڪيو آهي، لياقت بلوچ وفاقي وزير کي چيو ته بجلي جي بلز ۾ 5 سئو يونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي 50 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي، بجلي جي بلن ۾ سليب ريٽ ختم ڪيا وڃن، پگهاردار طبقي تان ٽيڪسز جو ظالماڻو بار هٽايو وڃي، پيٽروليم اگهن ۾ گهٽتائي ۽ پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو به مطالبو

Leave A Comment