جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري: حڪومت پاران بجلي ۽ تيل قيمتن ۾ رليف جو اشارو: ڪارڪن ڇڏڻ جو اعلان

جُولاءِ 29, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مهانگائي ۽ بجليءَ جي بلن ۾ ڳرن ٽئڪسز خلاف جماعت اسلامي جو راولپنڊي ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري رهيو، حڪومتي ٽيم ۽ جماعت اسلامي جي ٽيم ۾ ڳالهيون ٿيون، ڳالهين دوران جماعت اسلامي 10 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا، 500 يونٽس تائين بجلي استعمال ڪندڙن کي 50 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ڪيپيسٽي چارجز ۽ آءِ پي پيز کي ڊالرز ۾ ادائگي جو معاهدو ختم ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي، پيٽروليم ليوي ۽ اگهن ۾ ڪيل واڌ به واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، ڳالهين بعد سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير پاران جماعت اسلامي جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، عطاءُ تارڙ چيو آهي ته جيترو ٿي سگهيو، بجلي بابت خدشا ختم ڪيا ويندا، جماعت اسلامي جي مذاڪراتي ڪاميٽي جي سربراهه لياقت بلوچ چيو آهي ته ڳالهين جو ٻيون دور سڀاڻي (اڄ) ٿيندو، مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکيو ويندو، جماعت اسلامي پاران ميٽرو سروس مڪمل بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. راولپنڊي ۾ وزير اطلاعات عطاءَ الله تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت جي ٽي رڪني ڪميٽي جماعت اسلامي جي وفد کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي، جماعت اسلامي جي وفد ملاقات ڪئي، جماعت اسلامي ڏکڻ پنجاب جي ضلعن مان گرفتار ٿيل 35 ڪارڪنن جي لسٽ ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت انهن ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، هن چيو ته پهريان 200 يونٽن جي پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ صارفين لاءِ ٽن مهينن جي لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي، هن چيو ته جماعت اسلامي جا 10 مطالبا آهن، اِن تي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ