ڄامشورو: 17 سالن کان سيمنٽ فيڪٽري قائم نه ٿي: ليز به غير قانوني قرار: سوا 2 ڪروڙ ڏنڊ
مَي 29, 2024
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي معدنيات کاتي پاران سيمنٽ فيڪٽري جي قيام لاءِ ليز تي ڏنل 8 ھزار ايڪڙ زمين تي 17 سال گذرڻ فيڪٽري قائم نه ٿي، معدنيات کاتي سوا 2 ڪروڙ روپين جو ڏنڊ ھڻي ڇڏيو، ان ڏس ۾ معدنيات کاتي ڄامشوري ضلعي جي ڳوٺ دين محمد ڀرسان سائودرن سيمنٽ فيڪٽري جي قيام لاءِ 16 مئي 2007ع تي 5217 ۽ 2817 ايڪڙن جون 2 الڳ الڳ ليزون جاري ڪيون ھيون، ڄاڻايل ڪمپني سيمنٽ فيڪٽري اڏڻ واري معاھدي تي 17 سال گذرڻ باوجود عمل ناھي ڪيو، جنهن تي معدنيات کاتي ڄاڻايل ڪمپني مٿان معاھدي جي خلاف ورزي تان 2 ڪروڙ 23 لک 22 ھزار 869 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ھڪ مھيني ۾ ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ ۽ سيمينٽ فيڪٽري نه لڳائڻ تي جواب طلب ڪيو آهي، ذريعن موجب معدنيات واري کاتي قانون جي ابتڙ 30 سالن جي ليز ڏني هئي. جڏهن ته ليز صرف 10 سالن لاءِ جاري ڪئي ويندي آھي ـ ھوڏانهن بار بار ڪوشش باوجود معدنيات کاتي جو موقف معلوم نه ٿي سگهيو هو