ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي 53 ڪروڙ، 98 لک جي بجيٽ پيش: ڪم نه ٿيڻ جون شڪايتون

جُون 28, 2024

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي بجيٽ سال 2024/2025ع جي بجيٽ 53 ڪروڙ 98 لک 44 هزار ڇه سئو ستيتاليھه رپيا پيش ڪئي وئي آهي، ضلعي ڪائونسل جي چيئرمن سھيل احمد شورو، وائيس چيئرمن امان الله شاھاڻي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوزيٽي شيئر ٽيٽيھه ڪروڙ ٽيونجاھ لک رپيا، پگھارن جي مد ۾ ٽيتاليھه ڪروڙ پندرھن لک ڇه سو سورنھن رپيا رکيا ويا، ترقياتي ڪمن جي مد ۾ 162166034 رپيا رکيا ويا آھن. ضلعي ڪائونسل ميمبرن محمد صالح شمن راھپوٽو، ڊاڪٽر ڀون مل، ڀگوان داس چيو ته ضلعي ڪائونسل جي پراپرٽي جو ڪرايو ضلعي ڪائونسل کي نٿو ملي، ان لاءِ حڪمتي عملي جوڙي وڃي، جيڪو ڪرايو نٿو ڏئي ان جي پراپرٽي ڪينسل ڪري نئين سر الاٽ ڪرائي وڃي. ضلعي ميمبر مصطفيٰ ميمڻ چيو ته 20 لک جون اسڪيمون مليو پر ٺيڪيدار ڪم نه ڪيو آھي، ايس يو پي جي ڪائونسلر ياسمين ٿيٻو چيو ته اسان جي علائقن ۾ منشيات ۽ چورن جو آزار وڌي ويو آھي ان خلاف ڪنھن کان سوال ڪيون اسان اوھان جي اڳيان ھاڻ احتجاج ڪنداسين.اجلاس ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل تي ٻن منٽن لاءِ خاموشي اختيار ڪندي قتل جي مذمت ڪئي وئي. يوسي جهانگارا مان چونڊيل ضلعي ڪائونسل ميمبر حاڪم خان نوحاڻي چيو ته منھنجي يو سي جھانگارا ۾ پيڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ آھي رهواسي ٻن ڏينھن کان احتجاج ڪن پيا انھن جي سار ڪنهن ناهي لڌي جھانگارا يو سي مان آئل گيس اربن جو نڪري ٿو انهي جي مد ۾ ملندڙ ٽيڪس علائقي جي بھتري لاءِ خرچ ڪيو وڃي.

Leave A Comment