جان محمد مهر جي شهادت کي سال مڪمل: ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش، جوابدار گرفتار نه ٿيا
آگسٽ 13, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو، حڪومتي خاطرين باوجود قاتل گرفتار نه ٿيا، سکر ۾ صحافين پاران ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش، تفصيل موجب 13 آگسٽ آفيس کان گھر ويندي سينيئر صحافي اينڪرپرسن جان محمد مھر مٿان دھشتگردن قاتلاڻو حملو ڪري کيس شھيد ڪيو هو، جنهن کي اڄ هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي
جڏهن ته هن وقت تائين قتل ڪيس ۾ 6 سڃاتل جوابدار شير محمد عرف شيرو مهر، نصير، قربان، روشن، مير محمد ۽ گلزار، 7 سهولتڪارن توڙي 3 نامعلوم جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي، جيتوڻيڪ پوري ملڪ اندر صحافي برادريءَ پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا
حڪومتي اختيارين، ذميوارن به قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا خاطريون ڪرايون آهن پر عملي طور تي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪو به جوڳو قدم ناهي کنيو ويو، اهڙي صورتحال سبب شهيد جان محمد مهر جي خاندان، صحافين توڙي سڄاڻ ڌرين ۾ شديد مايوسي واري لهر ڇانيل آهي
ڪالهه سکر جي صحافين پاران ڏيئا ٻاري شهيد جان محمد مهر کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، صحافين احتجاج ڪندي دانهيو ته هڪ سال گذرڻ باوجود شهيد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ رياست ۽ رياستي ادارن جي ناڪامي جو واضع ثبوت آهي، مختلف وقتن تي صحافين قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ پارليمينٽ هائوس ٻاهران توڙي روڊن، رستن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا، جنهن دوران حڪومت جي ذميوارن واعدا ڪيا ته رينجرز جي مدد سان ڪچي ۾ آپريشن ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو، پر هن وقت تائين قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، صحافين هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.
آءِ جي پاران جوڙيل جاچ ڪاميٽي بيان وٺڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو
سکر: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سينيئر صحافي جان محمد مھر قتل ڪيس جي جاچ جي لاءِ جوڙيل اعليٰ سطحي جاچ ڪاميٽي سکر پھچي واقعي واري ھنڌ جو جائزو ورتو هو، اُن وقت جي جاچ آفيسر طرفان حملي واري ھنڌان مليل شاھدين، ثبوتن، سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي رڪارڊنگ سميت سموري ڪيس متعلق ٽيم کي بريفنگ ڏني وئي هئي، جنھن بعد ڪاميٽيءَ جي سربراھ تنوير عالم اوڍو اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم ڪيس جي فرياڌي ڌر کي بہ گھرائي انھن کان معلومات ورتي، قتل ڪيس جي فريادي توڙي ٻين وارثن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويا، جڏھن ته شھيد جان محمد مھر جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل ٽن سھولتڪارن بخشل عرف بخشو مھر، بابر مھر ۽ منور عرف منو مھر کان بہ ٽيم پڇا ڳاڇا ڪرڻ سان گڏ انھن جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا.