جسقم ڪنهن جي خانداني ملڪيت ناهي، چونڊ ٿيڻ گهرجي: نياز ڪالاڻي

سيپٽمبر 4, 2024

اڏيرولال وليج (ن پ ا) اڏيرولال وليج ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ ڪارڪنن جي پارٽي آهي، ڪنهن جي خانداني وراثت ناهي، اليڪشن ٿيڻ گهرجي، پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويٺو آهي، ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ تي اسان کي پريشاني آهي، هن چيو ته ارسا ۾ چئني صوبن جا نمائندا هئڻ گهرجن، پر افسوس اهو حق صرف پنجاب کي حاصل آهي، سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي، ان کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم کي مزاحمت ڪرڻي پوندي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اوڏيرولال اسٽيشن ۾  علي نواز خشڪ ۽ رجب خشڪ جي وفات تي سندس پونئيرن منٺار علي خشڪ ۽ رمضان علي خشڪ سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي هميشه پاڻي جي معاملي ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن اسان گڏجي ڪا حڪمت عملي نه ٺاهي ته سنڌ ۽ سنڌو درياه پاڻي جي ڦڙي ڦڙي جي لاءِ تڙپندو ۽ اهڙو عمل اسان هرگز ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي.

Leave A Comment