يهودي ايران جي طاقت جو غلط اندازو لڳائي رهيا آهن: خامنااِي

آڪٽوبر 28, 2024

تهران (م ڊ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنا اِي اسرائيلي حملن تي رد مل ڏيندي چيو آهي ته ان کي گهٽ نه سمجھڻ گھرجي ۽ نه وڌائي پيش ڪيو وڃي

يهودي ايران جي حوالي سان غلط اندازو لڳائي رهيا آهن. اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فوجين جي وارثن سان ڳالهائيندي آيت الله خامنا اِي چيو ته يهودي اڃا تائين ايراني عوام جي طاقت ۽ عزم کي ناهن سمجھي سگهيا

اسان کي اهو سمجهائڻ جي ضرورت آهي. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه جو فيصلوا سان جا حڪمران ڪندا ته دشمن کي پنهنجي طاقت ڏيکارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي. ۽ جيڪو به قوم جي مفاد ۾ هوندو اهو ئي ڪنداسين

Leave A Comment