جهول: ايس ايچ او ڊيوٽي دوران جنسي هراسان ڪري دوستي رکڻ لاءِ تنگ ڪندو هو: ليڊي اهلڪار
سيپٽمبر 12, 2024
جهول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او عبدالخالق شاهه جيلاني پاران ليڊي پوليس اهلڪارن کي هراسان ڪرڻ وارو معاملو، ڊي ايس پي ڪمپلين سيل انڪوائري دوران ٻنهي ڌرين جا بيان قلمبند ڪري ورتا
ذريعن موجب انڪوائري آفيسر وٽ ليڊي پوليس اهلڪارن مليحا، اقصيٰ مغل، سويرا، تبسم ۽ پرهه لغاري پنهجو بيان ڏيندي چيو ته ايس ايچ او عبدالخالق شاهه ڊيوٽي دوران جنسي هراسان ڪندو هو ۽ دوستي لاءِ تنگ ڪندو رهندو هو
هنن چيو ته ايس ايچ او موبائل فون تي ميسيج ڪندو هو، جڏهن ته خانگي گاڏي ۾ ويهاري گشت ڪرائيندو هو، جنهن ڪري سخت پريشان رهنديون هيونسين، هنن چيو ته ايس ايچ او گاڏي ۾ مرد پوليس اهڪارن سان پڻ گڏ ويهاري ڇڏيندو هو
ٻئي پاسي ايس ايچ او عبدالخالق شاهه پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻايو ته مون ڪنهن به ليڊي پوليس اهلڪار کي ميسج ڪري تنگ ناهي ڪيو، ڀل سي ڊي آر ڪڍرايو، يا واٽسپ چيٽ ڪڍرايو، هن چيو ته مون صرف ليڊي اهلڪارن کي ڊيوٽي جو پابند ڪيو، ڊيوٽي جي سختي ڪئي، ڪجهه غير حاضر رهندڙن جي پگهار بند ڪرائي، جنهن تان هنن مون تي اهڙو الزام لڳايو آهي
ايس ايچ او ۽ مٿس الزام هڻندڙ 7 ليڊي اهلڪار لائين حاضر
جهول: جهول ٿاڻي جي 7 ليڊي اهلڪارن مان 3 ليڊي اهلڪار ايس ايچ او خلاف داخل ڪرايل هراسان ڪرڻ واري درخواست تان هٿ کڻي ويون آهن، ٽن ليڊي اهلڪارن شميم، صوبيا ۽ آمنا ايس ايچ او عبد الخالق شاهه تي لڳايل الزامن تان هٿ کڻي ترديد ڪري ڇڏي آهي
واضح رهي ته ايس ايچ او خلاف 7 ليڊي اهلڪارن شميم، صوبيا، آمنا، مليحا، اقصيٰ مغل، سويرا، تبسم ۽ پرهه لغاري ايس ايس پي وٽ درخواست جمع ڪرائي هئي، جن مان 3 اهلڪار هٿ کڻي ويون آهن، جڏهن ته جاچ آفيسر 4 اهلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪيا، هوڏانهن ايس ايس پي سانگهڙ غلام نبي ڪيريو ايس ايچ او ۽ الزام لڳائيندڙ 7 ليڊي اهلڪارن کي ٿاڻي تان هٽائي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي