جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي فلسطين جي ٻه رياستي حل واري تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي

آڪٽوبر 8, 2024

اسلام آباد: جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي پاران فلسطين جَي ٻه رياستي حل جي مخالفت ڪري ڇڏي. اي پي سي ۾ خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قابض رياست اسرائيل جو قيام 1917ع ۾ برطانوي پرڏيهي وزير جي جبري معاهدي جي نتيجي ۾ ٿيو ۽ ان کانپوءِ فلسطين ۾ يهودي آباديون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان 1940ع جي قرارداد ۾ فلسطيني سرزمين تي يهودي آبادين جي قيام جي مخالفت ڪئي، جڏهن اسرائيل قائم ٿيو ته قائداعظم محمد علي جناح ان کي ناجائز ٻار قرار ڏنو هو. قائداعظم محمد علي جناح جي بيان جو حوالو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ اسرائيل جي لاڳاپن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، جتي دنيا ۾ فلسطيني حڪومت کي جائز قرار ڏيڻ جون قراردادون اچڻ گهرجن اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي پر گذريل سال 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي فلسطيني مسئلي جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کانپوءِ ڪنهن به اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي. هاڻي ان مسئلي جي حل لاءِ ٻه رياستي حل يا فلسطيني رياست جي قيام جي ڳالهه ٿي رهي آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان خطاب ۾ چيو ته ٻه رياستي حل واري ڳالهه اسرائيل کي قائم رکڻ جو جواز فراهم ڪرڻ آهي، ان کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته گهڻ جماعتي ڪانفرنس مان اسان کي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو واضح پيغام ڏيڻ گهرجي ته ٻه رياستي حل جي ڳالهه جو مطلب پاڪستان جي اسرائيل بابت اصولي موقف کان پوئتي هٽڻ آهي. قيام پاڪستان کان اڳ ۽ بعد ۾ پاڪستان جو هڪ ئي موقف رهيو آهي ته اسرائيل هڪ قابض رياست آهي ۽ اسان ان رياست کي تسليم ئي نٿا ڪريون. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گڏيل قومن جي اجلاس ۾ گريٽر اسرائيل جي ڳالهه ڪئي ۽ اجلاس دوران ئي هن لبنان تي حملو به ڪيو. اسرائيل غزه ۾ سڌي ريت فاسفورس بم اُڇلائي رهيو آهي. اڄ جيڪڏهن فلسطيني ٻارن جون لاشون کڻي رهيا آهيون ته سڀاڻي اسان جي ٻارڙن سان به اهو ڪيو ويندو.

Leave A Comment